سنڌ پوليس پريا ڪماري جو پتو لڳائڻ ۾ ناڪام، رپورٽ عدالت ۾ پيش، آءِ جي سنڌ رستا تبديل ڪندو رهيو

0
274
پريا ڪماري بازياب نه ٿي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) 7 ورھين جي نينگري پريا ڪماري جي بازيابي بابت سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس پاران ورتل نوٽيس تي آئي جي سنڌ اڳڀرائي رپورٽ پيش ڪري ڇڏي، جنهن ۾ سنڌ پوليس پريا ڪماري جو پتو لڳائڻ ۾ ناڪام ٿي وئي

رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پريا ڪماري جو ڪو بہ پتو نہ پئجي سگھيو آھي، پنجاب سميت ٻين علائقن ۾ بہ پريا ڪماري جي ڳولا لاء ڇاپا ھنيا ويا   پر پريا ڪماري جو ڪجھ بہ پتو نہ پئجي سگھيو آھي

عدالت ۾ پيش ڪيل رپورٽ ۾ سنڌ پوليس چيو آهي ته پريا ڪماري جي ڳوٺ ويجھو 40 گھرن ۾ ڇاپا ھنيا ويا، مختلف علائقن جي 310 شڪي گھرن جي تلاشي ورتي وئي، ٽوٽل 840 شڪي ماڻھن کان پڇا ڳاڇا ڪئي وئي، پر پريا ڪماري جو ڪو بہ سراغ نہ لڳي سگھيو آھي

پوليس رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پريا ڪماري جي گمشدگي بابت سنڌي ۽ اردو اخبارن ۾ اشتھار ڏنا ويندا، پريا ڪماري جو پتو لڳائيندڙ کي 50 لک رپين جو انعام ڏنو ويندو

عدالت گذريل ٻڌڻي تي عدالت ڊي آئي جي حيدرآباد پير محمد شاھ ۽ ايس ايس پي دادو جي رپورٽ رد ڪري ڇڏي ھئي

آئي جي سنڌ جڏهن عدالت آيو ته ميڊيا جي نمائندن کي ڏسي بار بار رستا تبديل ڪندو رھيو، آئي جي سنڌ جي اهڙي عمل تي آِءِ جي جو عملو ۽ ٻيا آفيسر به پريشان ٿي ويا، آئي جي سنڌ صحافين جي سوالن جو ھڪ به جواب نه ڏنو