ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارا پريانڪا چوپڙا سروگيسي ذريعي ڌيءَ جي پيدائش تي خاموشي ٽوڙيندي چيو آهي ته ماڻهن کي منهنجي ميڊيڪل هسٽري پبلڪ ڪرڻ جو ڪو حق ناهي.  فيشن ميگزين ووگ فيبروري 2023 جي ٽائيٽل پيج تي پريانڪا ۽ سندس ڌيءُ جي تصوير جي چونڊ ڪئي آهي، جيڪا اداڪارا پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي به شيئر ڪئي. تازو ووگ کي ڏنل انٽرويو ۾ پريانڪا چوپڙا ڌيءُ مالتي جي سروگيسي ذريعي پيدائش تي ڳالهائيندي انڪشاف ڪيو ته مون سان طبي مسئلا هئا، ان ڪري اسان سروگيسي جو فيصلو ڪيو، اسان جي سيروگيٽ انتهائي نرم دل ۽ نرم مزاج هئي، جنهن اسان جي ان قيمتي تحفي جي 6 مهينن تائين حفاظت ڪئي. هن چيو ته ماڻهن کي منهنجي ميڊيڪل هسٽري پبلڪ ڪرڻ جو ڪو حق ناهي، انهن کي ناهي خبر ته مان ڪهڙي حال مان گذري آهيان، مان پنهنجي ۽ ڌيءُ جي ميڊيڪل هسٽري به شيئر نٿي ڪرڻ چاهيان، تنهن ڪري ماڻهن کي به اهو حق ناهي ته ان معاملي تي ڳالهائين.