ممبئي (شوبز نيوز) ڀارت جي مشهور اداڪارا پريانڪا چوپڙا به پاڪستان جي آسڪر لاءِ نامزد ڪيل فلم “جوائي لينڊ” جي مداح بڻجي وئي آهي. پريانڪا چوپڙا پنهنجي سڀني مداحن ۽ شوقينن کي صلاح ڏني آهي ته اهي صائم صادق جي فلم جوائي لينڊ ضرور ڏسن. اداڪارا پنهنجي انسٽاگرام اسٽوري تي جوائي لينڊ جي وڊيو شيئر ڪندي فلم جي ٽيم کي اهڙي ڪهاڻي پيش ڪرڻ تي ساراهيو، گڏوگڏ لکيو ته اها لازمي طور ڏسڻ جهڙي فلم آهي. ان فلم جي ڪهاڻي هڪ رقاص نوجوان ۽ هڪ کدڙي فقير جي چوڌاري گهمي ٿي، ٻئي هڪٻئي جي محبت ۾ گرفتار ٿي ويندا آهن، جڏهن ته ڇوڪرو اڳ ئي شادي شده هوندو آهي. صائم صادق جي لکيل ۽ ان جي هدايتڪاري ۾ ٺهندڙ ان فلم ۾ علينا خان ۽ علي جوڻيجو مک ڪردار ادا ڪيو آهي.