پريالوءِ (ن پ ا) پريالوءِ ۾ 4 محرم جو تاريخي ماتمي جلوس برآمد ڪيو ويو. ماتمي جلوس  کان پهرين مرڪزي حيدري امام بارگاه ۾ مجلس عزا منعقد ڪئي وئي، ان موقعي تي خطاب مولانا اشرف کوسو، مولانا مبشر مھدي، ضامن علي ۽ ٻين  ڪربلا جي شھيدن جي کي عظيم قربانيءَ تي ڀيٽا پيش ڪئي. عزادارن سينه زني چاقن، گرزن ۽ تلوارن سان ماتم ڪيو، جنھن دوران 200 کان وڌيڪ عزادار سخت زخمي ٿي پيا، جن کي ميڊيڪل ڪئمپن تي پھچائي مرھم پٽيءَ بعد فارغ ڪيو ويو. ماتمي جلوس ۾ هزارن عزادارن شرڪت ڪئي.   ان موقعي تي شھر ۾ سيڪيورٽيءَ جا سخت انتظام ڪيا ويا هئا. ان سلسلي ۾ 200 کان وڌيڪ پوليس ۽ رينجرس اهلڪار مقرر ڪيا ويا. ڊي سي خيرپور سيف الله ابڙو پريالوءِ پھچي ماتمي جلوس جي نگراني ڪئي.