پريالوءِ (ن پ ا) پريالو ٿاڻي جي حد ڳوٺ ڏونگر خان ڏونگراڻيءَ ۾ پلاٽ جي مالڪيءَ تان سوُٽن ۾ ٿيل جهيڙي  دوران مارجي ويل ٻن سڳن ڀائرن سميت ٽن مقتولن جي جنازي نماز سندن ڳوٺ ۾ ادا ڪرڻ بعد اباڻي قبرستان ۾ تدفين ڪئي وئي. ڪيس داخل نه ٿي سگهيو. رپورٽ موجب گذريل ڏينهن پريالو ٿاڻي جي حد ڳوٺ ڏونگر خان ڏونگراڻيءَ ۾ پلاٽ جي مالڪي تان سؤٽن  علي دوست ڏونگراڻي ۽ مير حسن ڏونگراڻيءَ جي ڌرين وچ ۾ ھلندڙ ڇڪتاڻ تان ھٿياربندن جي فائرنگ ۾ مارجي ويل ٻن سڳن ڀائرن رابيل ۽ رحمت الله پٽ محمد وريل ڏونگراڻي ۽ حيدر پٽ مير حسن ڏونگراڻي جي جنازي نماز سندن ڳوٺ ۾ ادا ڪئي وئي، آخري رسمن ۾ سياسي سماجي اڳواڻن ۽ برادري جي ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. بعد ۾ ٽنھي مقتول نوجوانن جي اباڻي قبرستان ۾ تدفين ڪئي وئي. هوڏانهن واقعي جو ڪالهه به ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو، جڏهن ته علائقي ۾ سخت خوف ۽ ڇڪتاڻ واري صورتحال برقرار هئي.