پريالوءِ (ن پ ا) روھڙيءَ مان اغوا ٿي ويل پريالوءِ واسي نوجوان بلاول پٽ بچل خاصخيلي بازياب ٿي گهر پهچي ويو. وارثن پاران علائقي ۾ پاڪ ڪتاب گھمائڻ بعد ڌاڙيل مغويءَ کي اکيون، ھٿ پير ٻڌي روھڙي باءِ پاس تي ڦٽو ڪري ويا. واضح هجي ته پريالوءِ جي مڙهي محلي جو رهواسي 18 سالن جو پورهيت بلاول پٽ محمد بچل خاصخيلي ڪجھه ڏينهن اڳ روهڙيءَ مان اغوا ٿي ويو ھو، نوجوان جي بازيابيءَ عيوض ڀنگ لاءِ فون اچڻ کان پوءِ وارثن علائقي ۾ پاڪ ڪتاب گھمايو هو. گذريل ڏينهن ڌاڙيل ڄاڻايل نوجوان کي اکيون، ھٿ پير ٻڌي روھڙي باءِ پاس تي ڦٽو ڪري ويا هئا. نوجوان جي بازيابيءَ بعد وارثن ۾ خوشيءَ جي لهر ڇانئجي ويئي آهي.