صدرجي ڀٽيون (ن پ ا) ”چندو ڏيو، شهر جي صفائي ڪرايون“ پريالوءِ واسي چندي واري پيتي کڻي نڪري پيا. ٽائون انتظاميا برساتي پاڻي جي نيڪال ۽ صفائيءَ لاءِ قدم نه کنيا. ان ڏس ۾ ٽائون ڪاميٽي پريالوءِ پاران شهر مان برساتي پاڻي نيڪال نه ڪرائڻ ۽ شهر مان صفائي جو جوڳو بندوبست ٿيڻ بعد پريالوءِ جا شهري چندو گڏ ڪرڻ لاءِ نڪري پيا. ان حوالي سان شهرين دانهيندي ٻڌايو ته ٽائون انتظاميا شهر جي سموري بجيٽ هڙپ ڪري وڃي ٿي. جنهن سبب شهر گندگي جي ور چڙهيل آهي، جنهن ڪري مليريا ۽ گيسٽرو سميت مختلف بيماريون پکڙجي رهيون آهن. شهرين جو چوڻ هو ته چندو ڪري شهر جي صفائي ڪرائي ويندي.