پريالوءِ (ن پ ا) پريالوءِ جو رهواسي نوجوان روهڙيءَ مان اغوا، ڌاڙيلن 2 لک رپيا ڀنگ طلب ڪري ورتو. خبر موجب پريالوءِ شهر جي مڙهي محلي جو رهواسي نوجوان پورهيت بلاول پٽ محمد بچل خاصخيلي ٻه ڏينهن اڳ روهڙيءَ مان اغوا ٿي ويو. ان سلسلي ۾ اغوا ٿيل نوجوان جي امڙ بختاور، پنهنجي ٻن ڌيئرن سميت پريس ڪلب پهچي احتجاج ڪندي صحافين کي ٻڌايو ته پٽ بلاول لائي وٺڻ لاءِ روهڙي ويو جتان کيس موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن اغوا ڪري فرار ٿي ويا. اڄ صبح سندس موبائيل فون تان ڪال ڪري پٽ جي بازيابيءَ لاءِ 2 لک رپيا ڀنگ طلب ڪيو آهي. هن پوليس اختيارين کي اپيل ڪئي ته نوجوان کي بازياب ڪرائي پريشاني ختم ڪئي وڃي.