پرويز مشرف دنيا مان هليو ويو آهي ان جو معاملو الله وٽ آهي: مريم نواز

0
236
مريم نواز 10مارچ تي

ملتان (ويب ڊيسڪ) نواز ليگ جي چيف آرگنائيزر مريم نواز چيو آهي ته عمران خان جي جيل ڀريو تحريڪ جو انتظار آهي، جيل ڀريو تحريڪ جي شروعات زمان پارڪ کان ڪئي وڃي

نواز ليگ جي چيف آرگنائيزر مريم نواز ملتان ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اسان انتظار پيا ڪيون ته ڪڏهن ٿي جيل ڀريو تحريڪ شروع ٿئي، اسان ڏسڻ ٿا چاهيون ته عمران خان ڪڏهن ٿو جيل اچي

هن جو چوڻ هو ته عمران خان کي خبر پئجي ويندي ته جيل ڇا هوندو آهي، عمران خان عورتن کي پنهنجي آڏو ڍال بڻائڻ بدران پاڻ سامهون اچي

هن چيو ته اسان جون نظرون آهن ته هو ڪڏهن ٿو جيل اچي، فرنٽ لائن تي هُن عورتن کي رکيو آهي، هن کي گهرجي ته پاڻ سامهون اچيدهشتگردي خلاف اي پي سي

مريم نواز جو چوڻ هو ته قانون پنهنجو رستو پاڻ ٺاهيندو، جيڪو ڏوهه ڪيو آهي ان جي سزا  ڀوڳڻي پوندي، راڻا ثناءُ الله جعلي ڪيس ۾ 6 مهينا قيد ڪٽي، هن ڪڏهن به ڪنهن مٿان آڱر نه کنئي، هي ٻن ڏينهن جي قيد ۾ ڳلي لڳي روئڻ لڳي ويا آهن

هن جو چوڻ هو ته نواز شريف کي 2017 ۾ هڪ اقامي تي ڪڍيو ويو، پانامه ڪيس ۾ هفتي ۾ پنج ڏينهن پيشي تي هوندو، هڪ ڏينهن ۾ ٻه ٻه ڀيرا عدالت ويندو هو پر اسان ڪڏهن دانهن نه ڪئي، هي ٻن ڏينهن ۾ ٿڪجي پيا آهن، دانهون پيا ڪن، پرويز مشرف دنيا مان هليو ويو آهي ان جو معاملو الله وٽ آهي

هي به پڙهندا

اڳوڻو آمر جنرل (ر) پرويز مشرف لاڏاڻو ڪري ويو

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سنڌ ۽ بلوچستان پوليس کي شيخ رشيد خلاف ڪارروائي کان روڪي ڇڏيو