پرويز مشرف جي موٽ ۽ سرڪار جو موقف

0
185
ڪھاڙيءَ ڏيون ڏوھه ڪھڙو اياز!

  پرويز مشرف جي موٽ، ميڊيڪل سببن جي ڪري موخر ٿي وئي آهي. هن جي ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته هن جي حالت اهڙي ناهي جو هو هوائي سفر ڪري سگهي. هن مهل پرويز مشرف جي علالت ان مرحلي ۾ داخل آهي، جتي افاقي جي اميد نه ٿي ڪري سگهجي. اهو بيان هن جي خاندان طرفان، سندس آفيشل ٽوئٽر اڪائونٽ تي پڌرو ٿيو. ان کان پوءِ ملڪي اسٽيبلشمينٽ جو اهو موقف سامهون آيو ته پرويز مشرف جو خاندان جڏهن به هن سميت واپس ورڻ چاهيندو، تڏهن هن کي محفوظ رستو مهيا ڪيو ويندو. اسٽيبلشمينٽ جي اهڙي بيان کان پوءِ ميان نواز شريف پنهنجو ردعمل پيش ڪندي چيو ته هن جي مشرف سان ڪا ذاتي رنجش ناهي. جيڪڏهن هو واپس وري ٿو ته حڪومت کي انتظام ڪرڻ کپن. نواز شريف جي اهڙي بيان کان پوءِ سوشل ميڊيا جي سمنڊ ۾ ردعمل جون لهرون پيدا ٿيون ۽ تازو مريم نواز جو عجيب بيان آڏو آيو آهي ته “نواز شريف حڪومت جو حصو ناهي. هن انساني بنيادن تي اهو بيان ڏنو آهي” انساني بنيادن تي بيان ڏيڻ ۾ ته ڪا قباحت ڪانهي پر مريم جو اهو موقف تمام اهم آهي ته ميان نواز شريف هن حڪومت جو حصو ناهي.

ڇا نواز شريف ان حڪومت جو حصو ناهي؟ جنهن جو وزير اعظم هن جو ننڍو ادو آهي. سياست ۾ رت جا رشتا هڪ هجڻ جو دليل نه هوندا آهن. پر ميان شهباز شريف ان پارٽيءَ جو صدر آهي، جنهن جو رهبر ميان نواز شريف آهي. جيڪا پارٽي سڃاتي ئي ميان نواز شريف جي نالي سان وڃي ٿي. ڇا مسلم ليگ (نواز) جي حڪومت سان ميان نواز شريف جو ڪو تعلق ناهي؟ ملڪ جو وزير اعظم شهباز شريف مسلم ليگ ن جو صدر آهي ۽ نواز شريف جي باري ۾ بيان جاري ڪندڙ هن جي ڌيءَ مريم نواز ساڳي پارٽيءَ جي نائب صدر آهي. ڇا اهو عجيب ناهي ته جنهن پارٽيءَ جا اهم اڳواڻ وزير هجن، ان پارٽيءَ جي سربراهه جو سرڪار سان واسطو نه هجي!؟

پاڪستان جي سياست ۾ ڪوئي ڪهڙو به موقف اختيار ڪري سگهي ٿو. پر هن حڪومت جو پرويز مشرف جي متعلق ڪو به موقف سامهون نه آيو آهي ۽ نه وري ميڊيا کي اها اجازت ملي آهي ته هوءَ حڪومت جي سربراهه ۽ حڪومت جي ڀائيوار ڌر کان اهو پڇا ڪري ته اسٽيبلشمينٽ جي بيان بعد انهن جو پرويز مشرف جي متعلق ڪهڙو خيال آهي؟  مسلم ليگ ن مڪمل طور تي پرويز مشرف جي خلاف رهي آهي. جڏهن ته پيپلز پارٽي آفيشلي مشرف کي بينظير ڀٽو جي قتل ۾ ملوث قرار ڏئي چڪي آهي. پر هن جي موٽ جي سلسلي ۾ هڪ معنيٰ ڀري ماٺ آهي.

هيءَ حڪومت هڪ اهڙو پکي آهي، جنهن جو هڪ پر مسلم ليگ ن ۽ ٻيو پر پيپلز پارٽي آهي. جڏهن ته مولانا فضل الرحمان جي پارٽيءَ کي ان پکيءَ جو پڇ قرار ڏئي سگهجي ٿو. هڪ پکي پڇ کان سواءِ ته اڏامي سگهي ٿو پر ڪنهن به پکيءَ جو هڪ پر تي اڏامڻ ممڪن ناهي. ان حوالي سان حڪومت جا ٻيئي ٿنڀا پرويز مشرف جا سياسي طور تي مخالف رهيا آهن پر عام طور تي دنيا ۽ خاص طور تي پاڪستان جي سياست ۾ “اقتدار کان اڳ ۽ اقتدار کان پوءِ”جي پاليسين ۾ زمين  آسمان جو فرق هوندو آهي. پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ جو پرويز مشرف جي لاءِ جيڪو به موقف هو، اهو  اقتدار کان اڳ جو هو. اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ انهن پرويز مشرف سميت گهڻن معاملن تي ماٺ اختيار ڪئي آهي. ان باري ۾ انهن چپ نه چوريا آهن. انهن جي اهو سوال سڀ کان وڌيڪ سخت ڏکيو آهي ته ڇا هو پرويز مشرف جي سلسلي ۾ اسٽيبلشمينٽ سان اختلاف رکي سگهن ٿا؟

ميان نواز شريف پرويز مشرف جي سلسلي ۾ فوري طور تي جنهن فراخ دليءَ جو مظاهرو ڪيو هو، ان جو سبب هن جي پنهنجي واپسي وارو اشو به هو. پرويز مشرف جي موٽ تي هن پاران ڪوئي اعتراض نه ڪرڻ جو مطلب اهو ئي هو ته جيڪڏهن پرويز مشرف کي معافي ملي سگهي ٿي ته پوءِ هن کي ڇو نه؟ هو ته ملڪ جو ٽي ڀيرا وزير اعظم رهي چڪو آهي. جيتوڻيڪ حڪومت جو سربراهه هن جو سڳو ڀاءُ آهي ۽ حڪومت هن جي پارٽيءَ سبب آهي پر هن مهل تائين ميان نواز شريف کي صرف گرين پاسپورٽ مليو آهي پر هن کي واپسيءَ لاءِ گرين سگنل نه مليو آهي. هو ٻاهر ويٺو آهي ۽ پنهنجي باعزت ۽ محفوظ موٽ جو منتظر آهي.

مسلم ليگ ن کان پوءِ حڪومت جي اهم پارٽنر پيپلز پارٽي به مشرف جي سلسلي ۾ ماٺ واري پاليسي اختيار ڪئي آهي. جڏهن ته پيپلز پارٽيءَ جو سربراهه ملڪ جو پرڏيهي وزير آهي ۽ هن کان ڪنهن به ملڪ جي ميڊيا اهو سوال پڇي سگهي ٿي ۽ هو ان سوال کي حڪومت جي طرف موڙي سگهي ٿو. پر آصف زرداري جو ردعمل ته تمام ضروري هو. اسٽيبلشمينٽ جي بيان بعد پيپلز پارٽي مسلم ليگ ن کان به وڌيڪ پريشان هئي. ڇو ته مسلم ليگ ن کي پرويز مشرف تي اهو اعتراض رهيو آهي ته هن ميان نواز شريف جي چونڊيل حڪومت ختم ڪئي. ميان نواز شريف ۽ ميان شهباز شريف کي جيل ۾ وڌو. ان کان پوءِ هن شريف خاندان کي طوطي سميت ملڪ بدر ڪيو. هن تمام گهڻين ڪوششن جي باوجود انهن کي ملڪ ۾ موٽڻ نه ڏنو. اهو سڀ ڪجهه شريف خاندان جي لاءِ تمام گهڻو مشڪل هو پر پيپلز پارٽي ته مشرف جي مٿان بينظير ڀٽو جي قتل جو ڪيس ٺاهي ويٺي آهي. هن جو سياسي موقف رهيو آهي ته پرويز مشرف بينظير ڀٽو جي قتل ۾ ڀاڱي ڀائيوار هو. پر هن مهل تائين پيپلز پارٽيءَ پرويز مشرف جي خلاف ڪا به عملي جدوجهد نه ڪئي آهي. پر هن مهل جڏهن هو پنهنجي زندگيءَ جي آخري اسٽيج تي هو پرويز مشرف واپس ورڻ جي خواهش ڏيکاري آهي، تڏهن فوج ته هن جي محفوظ واپسيءَ جو اعلان ڪيو آهي پر پيپلز پارٽيءَ خاموش رهي آهي.

پرويز مشرف جي باري ۾ پيپلز پارٽيءَ جي پاليسي ڪهڙي آهي؟ ان باري ۾ اسان لاءِ اندازو لڳائڻ آسان آهي. پيپلز پارٽيءَ جهڙي طرح پرويز مشرف تي محترمه جو خون مڙهيو آهي، ظاهر آهي ته ان صورت ۾ هوءَ مشرف جي سلسلي ۾ ڪڏهن به نرم گوشي جو اعلان ڪري نه ٿي سگهي. جڏهن ته حڪومت ۾ هوندي، اسٽيبلشمينٽ مخالف موقف ڏيڻ هن جي لاءِ تمام گهڻو مشڪل آهي. ان ڪري پيپلز پارٽيءَ ڪجهه وقت ماٺ رهڻ کان پوءِ پنهنجو موقف بينظير ڀٽو جي ڌيءَ بختاور جي معرفت منظرعام تي آندو. بختاور پنهنجي ٽوئٽر تي اهو بيان جاري ڪيو ته پرويز مشرف کي نه ته اسان معاف ڪنداسين ۽ نه هن کي تاريخ معاف ڪندي.جيتوڻيڪ بختاور جو عملي طرح سياست سان سڌو تعلق ناهي پر بختاور جو اهو بيان تمام گهڻو ميچوئر آهي. ظاهر آهي ته اهو بيان صلاح مشوري کان پوءِ جاري ڪيو ويو هوندو. اهڙا بيان ان طرح سان جاري نه ڪيا ويندا آهن ته ڪنهن کي دل يا دماغ ۾ ڪو خيال آيو ۽ هن اهو پيش ڪري ڇڏيو. پيپلز پارٽيءَ جي پاران بختاور جي معرفت پنهنجو موقف پيش ڪرڻ جو مطلب اهو هو ته پيپلز پارٽيءَ جي لاءِ پرويز مشرف کي قبول ڪرڻ تمام گهڻو مشڪل آهي.

ڇو ته ان طرح سان پيپلز پارٽيءَ جي ڪمزور سياسي ساک جي مٿان ڪاپاري ڌڪ لڳڻ جا امڪان اکين ڏسجن ٿا. پيپلز پارٽي ان پوائنٽ تي ملڪ جي سدا سائي سرڪار سان ڪيترو سينو ساهي سگهي ٿي؟ ان باري ۾ ڪجهه به چوڻ تمام گهڻو مشڪل آهي. ڇو ته پاڪستان ۾ سياست ڪرڻ جو مطلب اهو آهي ته سياسي رانديگرن کي هر حال ۾ ان جو اشارو فيصلو سمجهي قبول ڪرڻو آهي، جنهن کي ملڪ جي سياست جو امپائر قرار ڏنو ويندو آهي. جنهن جي آڱر جي اشاري عمران خان کي اقتدار مان آئوٽ ڪيو ويو . اهو عمران خان جيڪو تمام گهڻو خاموش رهڻ جو عادي هجڻ جي باوجود هاڻي پنهنجي اندر جو اوٻر ڪڍي رهيو آهي. هو جنهن ملڪي اسٽيبلشمينٽ جو نئون نالو “نيوٽرلز” رکيو آهي. ان به پرويز مشرف جي واپسيءَ جي سلسلي ۾ ڪو بيان جاري نه ڪيو آهي. هونئن به عمران خان ڪڏهن به پرويز مشرف جو مخالف نه رهيو آهي. هو پرويز مشرف جي مٿان اها تنقيد ڪندو رهيو آهي ته هن آمريڪا آڏو هن فون تي گوڏا کوڙيا. پر پرويز مشرف عمران خان جي حمايت ڪندو رهيو آهي. جڏهن ته هو ميان نواز شريف ۽ آصف زرداريءَ جو مخالف رهيو آهي. هن آصف زرداريءَ جي مٿان هڪ وڊيو بيان ۾ بلاول کي مخاطب ٿي جيڪي الزام هنيا هئا، اهي هن مهل به “يوٽيوب” جي رڪارڊ تي موجود آهن. پر سوال اهو آهي ته ان ساري پس منظر ۾ مسلم ليگ ن ۽ خاص طور تي پيپلز پارٽي جو آفيشل موقف ڪهڙو هوندو؟

پرويز مشرف جي واپسي ڪڏهن ٿيندي؟ ان باري ۾ ڪجهه به چوڻ تمام گهڻو مشڪل آهي. ممڪن آهي ته هن کي ڊاڪٽرن هوائي سفر کان روڪيو هجي ۽ اهو به ممڪن آهي ته هن جو خاندان نه چاهيندو هجي ته جنهن وقت پرويز مشرف مشڪل سان پساهه کڻي رهيو آهي، تڏهن ملڪ ۾ ڪا ڪنٽروورسي پيدا ٿئي. ان ڪري في الحال ته حڪومت پنهنجي مٿان آيل آزمائش کان بچيل ٿي ڏسجي پر اهم سوال پوءِ به ان اصولي موقف جو آهي، جنهن جو اظهار اسٽيبلشمينٽ ته ڪري چڪي آهي، اها ته آفيشلي چئي چڪي آهي ته جنهن وقت به پرويز مشرف جو خاندان خواهش ظاهر ڪندو، تنهن وقت ملڪ ۾ محفوظ واپسيءَ جا بندوبست ڪيا ويندا. جيڪڏهن اسٽيبلشمينٽ پنهنجو موقف جاري ڪري سگهي ٿي ته ملڪي سرڪار هلائيندڙ پارٽيون ان سلسلي ۾ پنهنجي پاليسي پڌري ڇو نه ٿيون ڪن؟ اهي ڇو نه ٿيون چون ته ان سلسلي ۾ سرڪار جي سوچ ڪهڙي آهي؟ ڇو ته انصاف ۽ قانون جي نظر ۾ انساني حقن جو تصور اهو ناهي، جيڪو هڪ اين جي او پيش ڪري سگهي ٿي. هن سرڪار جي سرجڻهار سياسي ڌرين کي صرف تاريخ جي رڪارڊ تي رکڻ لاءِ به پنهنجو موقف پيش ڪرڻ گهرجي. پر جنهن ملڪ ۾ اهم نيب جو رڪارڊ هجي، ان ملڪ ۾ تاريخ جو رڪارڊ ڪير ٿو پڇي!!؟