چارسده(م ڊ) پي ٽي آءِ جي مرڪزي اڳواڻ پرويز خٽڪ جي اباڻي شهر ۾ پي ٽي آءِ جو جلسو ناڪام ٿي ويو جڏهن ته عمران خان جو خطاب به ڪنهن نه ٻڌو. نجي ٽي وي جي رپورٽ موجب چارسده ۾ پي ٽي آءِ جو جلسو پرويز خٽڪ ڪرايو هو جنهن کي عمران خان کي خطاب ڪرڻو هو. ڪارڪن 5 ڪلاڪ انتظار ڪندا رهيا پر پوءِ هو ڪارڪن عمران جو خطاب ٻڌڻ کانسواءِ ئي واپس روانا ٿي ويا.