اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان مسلم ليگ (ق) جي سربراهه چوڌري شجاعت  حسين وزيراعليٰ پنجاب چوڌري پرويز الاهي کي گهر واپس اچڻ جي دعوت ڏيندي پارٽي آئين ۾ تبديلي جو به اعلان ڪيو آهي. پريس ڪانفرنس دوران ق ليگ ۾ ڏار پوڻ واري سوال تي چوڌري شجاعت چيو ته پرويز الاهي کي دعوت ڏيان ٿو ته پنهنجي رهائشگاهه واپس اچي، رهائشگاهه تي هڪ پاسي منهنجو ۽ ٻئي پاسي پرويز الاهي جو ڪمرو آهي. هن چيو ته سڀ ٺيڪ آهي ۽ ٺيڪ رهندو، ملڪ ۾ سچ ڳالهائڻ گناهه بڻجندو پيو وڃي، غليظ گاريون ڏنيون وينديون آهن، سچي زبان کي استعمال ڪرڻ گهرجي، منهنجي پٽن بابت ڳالهايو ويو، بدنام ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر پٽن هر موڙ تي مون کان پڇا ڪري ڪم ڪيو ۽ مون کي پنهنجي پٽن تي فخر آهي. هن چيو ته الزام لڳائيندڙن جي ڪا به حيثيت ناهي، عمران خان سان منهنجي پٽن جي ملاقات جو چيو پيو وڃي، چوڌري شجاعت چيو ته سياستدانن تي الزام لڳايا پيا وڃن، معيشت جي تباهي جو الزام سياستدانن تي لڳايو پيو وڃي، سمورا الزام سياستدانن تي لڳي رهيا آهن، آرمي چيف کي ڇو مداخلت ڪرڻي پئي، سياستدانن جو قصور آهي جنهن ڪري آرمي چيف کي مداخلت ڪرڻي پئي. آصف زرداري سان ملاقات بابت چوڌري شجاعت چيو ته آصف زرداري پاڻ منهنجي گهر آيو هو، الله جي ڪرم سان اسان سرخرو ٿي ويا آهيون،  هڪ سوال تي هن چيو ته ق ليگ ڪٿان ٽٽي آهي نه ٽٽي آهي، هوش کان ڪم وٺو پنهنجي خاندان ۽ گهر جو مذاق نه بڻايو، هنن پارٽي ۽ خاندان کي ورهائڻ جي سازش ڪئي آهي، پنهنجي سئوٽ پرويز الاهي کي اپيل ڪندي چوڌري شجاعت چيو ته پرويز الاهي کي دعوت ڏيان ٿو ته واپس گهر اچي، ڳالهين ۾ ڪجهه ڏاڪا لهڻا ۽ ڪجهه چڙهڻا پوندا آهن، ڳالهيون ڪرڻ ۾ ڪو به مسئلو نه آهي.هن چيو ته خوشي محسوس ڪري رهيو آهيان ته سڀني کي اسان جي خاندان جو فڪر آهي، چوڌري شجاعت چيو ته مان ۽ طارق بشير چيما ان وقت جي وزيراعظم عمران خان سان ملڻ ويا هئاسين ته هن چيو هو ته مونس خلاف ڪرپشن جا الزام آهن، سالڪ کي وزير بڻايان ٿو پر مون چيو ته مونس ئي وزير ٿيندو. ان موقعي تي طارق بشير چيما چيو ته عمران خان نالائق نااهل ماڻهو آهي انجو ساٿ نه ڏينداسين، چوڌري شجاعت کي هٽائڻ ممڪن ناهي، جيترو پينڊورا باڪس کوليو ويندو اوتريون ئي ڳالهيون سامهون اينديون