لاهور (م ڊ) پنجاب جي وڏي وزير پرويز الاهي عهدو سنڀاليندي ئي صوبي ۾ 50 کان وڌيڪ اهم آفيسر تبديل ڪري ڇڏيا. حمزا شهباز دور جي آخري ڏينهن ۾ چيف سيڪريٽري پنجاب ڪامران علي افضل ۽ آءِ جي پوليس رائو سردار پنهنجي تبدلين جي درخواست ڪئي هئي، جنهن تي آءِ جي رائو سردار کي ته آءِ جي پوليس ريلويز لڳايو ويو پر چيف سيڪريٽري پنجاب ڪامرا علي افضل کي تبديل نه ڪيو ويو. اهڙي طرح ايڊيشنل آءِ جي پنجاب جهڙو اهم عهدو به خالي پيو آهي، پرويز الاهي حڪومت ان عهدي تان عثمان انور کي تبديل ته ڪري ڇڏيو پر ان عهدي جي واڌو چارج ڪنهن کي ناهي ڏني وئي. وڏي وزير پرنسپل سيڪريٽري نبيل اعواڻ کي به بدلي ڪري سندس جاءِ تي سيڪريٽري اسيمبلي محمد خان ڀٽي کي مقرر ڪري ڇڏيو، ڊي جي ايل ڊي اي، ڊي جي ايف ڊي اي، سي سي پي او لاهور ۽ ڊي آءِ جي آپريشنز لاهور سوڌو مختلف ضلعن جي ڊپٽي ڪمشنرز ۽ اسسٽنٽ ڪمشنرز کي به بدلي ڪيو ويو. ايڊيشنل چيف سيڪريٽري پنجاب کي به او ايس ڊي بڻايو ويو، هن جي چارج ايڊيشنل چيف سيڪريٽري هوم کي ڏني وئي. سيڪريٽريٽ ذريعن موجب 10 محرم الحرام کانپوءِ صوبي ۾ وڌيڪ ڪيتريون ئي اهم بدليون ٿيڻ جو امڪان آهي.