پرويز الاهي فواد چوڌري بابت ڏنل بيان تي ڪٽنب سان معذرت ڪري ڇڏي

0
199
پرويز الاهي فواد چوڌري

ڪراچي: پرويز الاهي فواد چوڌري بابت ڏنل پنهنجي تڪراري بيان تي فواد چوڌري جي ڪٽنب سان معذرت ڪري ڇڏي، پرويز الاهي فواد چوڌري جي ڀاءُ فيصل چوڌري سان فون تي رابطو ڪري چيو ته مون کي پنهنجي بيان تي افسوس آهي

پرويز الاهي جو چوڻ هو ته منهنجي چوڻ جو مقصد اهو نه آهي جيڪو ميڊيا تي بيان ڪيو ويو

Fawad Chaudhry produced before sessions court in Islamabad

 پرويز الاهي پنهنجي بيان ۾ چيو هو ته عمران خان جي ويجهن ماڻهن مان هڪ ماڻهو اڳ گرفتار ٿئي ها ته اهڙي صورتحال پيدا نه ٿئي ها

فواد چوڌري جي گهر واري حِبا فواد ردعمل ۾ چيو هو ته پرويز الاهي کي پهرين وڏ وزارت دوران گرفتار ڪيو وڃي ها ته اڄوڪي صورتحال پيدا نه ٿئي ها

هي به پڙهندا

عمران خان جي ويجهن ماڻهن مان هڪ پڪڙجي پيو، پهريان پڪڙجي ها ته ڪم ٺيڪ هُجي ها: پرويز الاهي