اسلام آباد (م ڊ) سپريم ڪورٽ جي جسٽس مظاهر نقوي جي خانداني ذريعن موجب جسٽس مظاهر نقوي تي آڊيو ليڪ ۽ ملڪيت بابت سمورا الزام ڪوڙا آهن، گهرڀاتين تي لڳايل الزام به غلط آهن. نجي ٽي وي چينل جيو نيوز جسٽس مظاهر نقوي جي خانداني ذريعن جو حوالو ڏيندي ڄاڻايو آهي ته خانداني ذريعن جو چوڻ آهي ته جسٽس مظاهر پاڻ تي لڳايل الزامن تي چيف جسٽس سامهون پيش ٿيڻ لاءِ تيار آهي، چيف جسٽس جڏهن چاهي انڪوائري ڪرائي، جسٽس مظاهر نقوي جي خانداني ذريعن تصديق ڪئي ته چوڌري پرويز الاهي سان ملاقات هڪ ڀيرو گهر ۾ ٿي هئي، وزيراعليٰ پنجاب معذرت لاءِ گذريل سيپٽمبر ۾ لاهور واري گهر آيو هو، خانداني ذريعن جو چوڻ آهي ته چوڌري پرويز الاهي سان جسٽس مظاهر جو ڪنهن به قسم جو ذاتي تعلق ناهي، جج جي پرويز الاهي يا مونس الاهي سان ڪڏهن فون تي ڳالهه ناهي ٿي، محمد خان ڀٽي فون تي ڳالهه ڪرائي هئي جنهن کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪيو ويو، خانداني ذريعن جو چوڻ آهي ته جسٽس مظاهر نقوي ڌيءُ جي تعليم لاءِ ذاتي اڪائونٽس مان 22 هزار پائونڊز برطانيا موڪليا هئا، اها رقم اسٽيٽ بينڪ جي اجازت سان منتقل ڪئي وئي هئي، لاهور ۾ 4 ڪنال جو گهر 2 وڏا گهر وڪڻي تعمير ڪرايو پيو وڃي، هڪ گهر گلبرگ لاهور ۽ ٻيو ڊي ايچ اي گوجرانوالا ۾ وڪرو ڪيو ويو. خانداني ذريعن جو چوڻ آهي ته جسٽس مظاهر نقوي جو ڪو به پلازه ناهي، جسٽس مظاهر جي گهرن جي وڪري جا ڪاغذ ايف بي آر وٽ آهن، سمورن پلاٽن جا تفصيل به ايف بي آر وٽ آهن.