ڪراچي (م ڊ) پنجاب جو اڳوڻو وزيراعليٰ پرويز الاهي پي ٽي آءِ ڇڏي ويندو پر ق ليگ ۾ شموليت نه ڪندو، هڪ نجي نيوز ٽي وي چينل ذريعن کان دعويٰ ڪئي آهي ته پرويز الاهي دٻاءُ تي پي ٽي آءِ ڇڏي سگهي ٿو پر ق ليگ ۾ شامل نه ٿيندو ۽ شايد پنهنجي پارٽي ٺاهي سگهي ٿو . مونس الاهي چوڌري شجاعت جو تسلط برداشت نه ڪندو آهي. چوڌري شجاعت جا پٽ مونس الاهي جي تسلط سان رهڻ نٿا چاهين. ذريعن موجب امڪان اهو آهي ته پرويز الاهي گرفتار ٿيندو ۽ پارٽي ڇڏڻ جو اعلان ڪندو . مسلم ليگ پاڪستان جي نالي سان هنن پارٽي جي درخواست ڏني هئي پر اها رد ٿي هئي. صحافي رئيس انصاري چيو ته موجوده صورتحال ۾ اهو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي ته پرويز الاهي ۽ مونس الاهي پنهنجي پارٽي ٺاهيندا يا وري ڪنهن ٻي پارٽي ويندا.