لاهور (م ڊ) لاهور ۾ اينٽي ڪرپشن ڪورٽ اڳوڻي وزيراعليٰ پنجاب پرويز الاهي جي عبوري ضمانت خارج ڪري ڇڏي آهي عدالت ترقياتي منصوبن ۾ بي ضابطگين جي ڪيس ۾ پرويز الاهي جي عبوري ضمانت جي درخواست خارج ڪري ڇڏي. پرويز الاهي عبوري ضمانت جو مدو ختم ٿيڻ باوجود ڪالهه عدالت ۾ پيش نه ٿيو جنهن تي عدالت ضمانت خارج ڪري ڇڏي. عدالت طبي بنيادن تي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست به رد ڪري ڇڏي. ٻئي پاسي ضمانت رد ٿيڻ بعد پوليس لاهور ۾ سندس گھر تي ڇاپو هنيو. اينٽي ڪرپشن پوليس جي ڇاپي وقت چوڌري پرويز الاهي گھر ۾ موجود نه هو.  جڏهن ته پوليس سندس گھر جي تلاشي ورتي.