لاهور(م ڊ) پنجاب اسيمبلي جو اجلاس ٻه ڏينهن جاري رهيو، ميمبرن وڏي وزير پرويز الاهي تي اعتماد جو اظهار ڪري ڇڏيو. اپوزيشن احتجاج ڪندي رهي. اسپيڪر ڊائيس جو گهيرو ڪري ورتو. پرويز الاهي پاران اڄ اسيمبلي ٽوڙڻ لاءِ سمري گورنر ڏانهن اماڻڻ جو امڪان آهي.  مليل اطلاعن موجب پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان  پي ٽي آءِ ۽ ق ليگ جي پارلياماني پارٽين جي اجلاس جي گڏيل صدارت ڪئي. اجلاس بعد پنجاب اسيمبلي جو اجلاس شروع ڪيو ويو. اجلاس ۾ 187 ميمبرن شرڪت ڪئي جنهن بعد رات جو ئي اعتماد جو ووٽ وٺڻ جو فيصلو ڪيو ويو. اجلاس رات جو شروع ٿيو جيڪو رات جو 11.59 وڳي ملتوي ڪيو ويو. ان وچ ۾ ميمبر نعريبازي ڪندا رهيا. پي ٽي آِءِ جي ميمبرن ڪڪڙي ڪڪڙي جا نعرا هنيا. مسلم ليگ ن جا ميمبر گهٽ تعداد ۾ شريڪ ٿيا. 15 ميمبر اپوزيشن جي سيٽن تي ويٺا رهيا. رات جو 12.15 وڳي وري اجلاس شروع ٿيو ۽ ميمبرن کي گهرائڻ لاءِ گهنٽيون وڄايون ويون. اسپيڪر ايوان ۾ اعتماد جي ڪارروائي شروع ڪرائي. پي ٽي آءِ جي ميان اسلم اقبال پرويز الاهي تي اعتماد جي اظهار جي قرارداد پيش ڪئي. جنهن دوران وري ن ليگ ميمبر احتجاج ڪندا رهيا ۽ اسپيڪر جي ڊائس جو گهيرو ڪيو. اسيمبلي جي سيڪريٽري ميمبرن کي بريفنگ ڏني ته اعتماد جي ووٽ لاءِ ميمبر لابين ۾ ويندا. جنهن بعد ووٽن جي ڳڻپ ڪئي وئي. ووٽنگ دوران اسيمبلي ميمبر پاڻ ۾ وڙهي پيا ۽ هٿين پئجي ويا. ميمبرن هڪٻئي کي ڪرسيون به هنيون. ن ليگ جي ميمبر اسپيڪر کي ڪرسي هنئي. اپوزيشن ميمبرن هنگامو به ڪيو. هنن اسپيڪر جي ڪرسي طرف وڌڻ جي ڪوشش ڪئي ته سيڪورٽي آفيسرن کين روڪي ڇڏيو. اپوزيشن اعتراض ڪيو ته ووٽنگ جي ڳڻپ اسان جي سامهون ڪرائي وڃي اهو مطالبو نه مڃڻ تي مخالف ڌر اجلاس جو بائيڪاٽ ڪري هلي وئي ۽ سموري عمل ۾ حصو نه ورتو. پرويز الاهي کي 186ميمبرن ووٽ ڏنا ۽ ائين هو پنجاب جو وڏو وزير برقرار رهيو. اسپيڪر اعلان ڪيو ته پرويز الاهي اعتماد جو ووٽ وٺڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو آهي. مخالف ڌر موجود نه هئي. ان آرڊر جي ڪاپي گورنر هائوس اماڻي وئي ۽ هڪ ڪاپي لاهور هاءِ ڪورٽ اماڻي ويندي. نتيجن جي اعلان تي پي ٽي آءِ جي ميمبرن سخت نعريبازي ڪئي ۽ ن ليگ ۽ اپوزِيشن تي هوٽنگ ڪندا رهيا. امڪان آهي ته پرويز الاهي اسيمبلي ٽوڙڻ لاءِ اڄ ئي سمري گورنر ڏانهن اماڻي ڇڏيندو ۽ جنهن بعد 48 ڪلاڪن اندر ئي اسيمبلي پاڻ ئي ختم ٿي ويندي. ان کان اڳ پنجاب حڪومت لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ گورنر جي حڪم خلاف داخل پنهنجي درخواست واپس وٺڻ جي درخواست جمع ڪرائيندي جنهن بعد درخواست واپس ورتي ويندي. ٻئي طرف ڪي پي ڪي اسيمبلي کي به اڄ ئي ٽوڙڻ جا امڪان آهن. لابي ۾ شاهه محمود قريشي، اسد عمر، فواد چوڌري، حماد اظهر به موجود رهيا. بائيڪاٽ بعد ن ليگ جي اڳواڻ عطا تارڙ چيو ته اسان ان عمل خلاف عدالت وينداسين ۽ ثابت ڪنداسين ته هنن وٽ 186 ووٽ نه هئا. اسيمبلي جو عملو هنن جي گهر جو ملازم آهي.