پرواني سيوھاڻي جي ڪتاب “منهنجون يادون منهنجو ننڍپڻ” تي تبصرو

0
207
پرواني سيوھاڻي جي ڪتاب “منهنجون يادون منهنجو ننڍپڻ” تي تبصرو

 ھن دنيا توڙي ڪائنات ۾ سڀ لقاءَ ۽ شيون ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان ھڪ ٻئي سان جڙيل آھن؛ ساڳيءَ ريت ڪنھن ليکڪ يا اديب جي آتم ڪٿا ۾ آيل شيءَ يا ڪو به لقاءُ ۽ واقعو ان دور جي ٻين شين، لقائن ۽ واقعن سان سلهاڙيل ھوندو آھي. ھڪ اديب جي زندگيءَ جو ھڪ واقعو ھڪ ئي وقت ڪيترن ئي شعبن جهڙوڪ سماجيات، نفسيات، فلسفي، تاريخ، جاگرافي، شهريت، سياست، معيشت، ثقافت ۽ مذھب وغيرہ سان سڌو توڙي اڻسڌو جڙيل ھوندو آھي. مطلب ته ان واقعي ۾ نه رڳو ماضي کي قيد ڪيو ويو ھوندو آھي پر ان تناظر ۾ متعلقه حال توڙي مستقبل جي جهلڪ پڻ پسي سگهجي ٿي. اھا ڳالھه ايتري اھميت جي حامل آھي جو مستقبل جا اڻڌريا دانشور ھڪ واقعي کي انيڪ شعبن ۽ نظرين جي تناظر ۾ جانچي ان دور جي سماجي تظادن ۽ ترقي پسند پهلوئن بابت مناسب راءِ جوڙي سگهن ٿا پر شرط اھو آھي ته اھو واقعو سچائي سان بيان ڪيو ويو ھجي. ھن ڳالھه ۾ ڪو شڪ نه آهي ته سيوھڻ جي تاريخي مٽي جي خمير مان اسرندڙ پروانو سيوھاڻي سنڌي ٻاراڻي ادب جي آڪاش تي ٽمڪندڙ تارن جي وچ ۾ چوڏھين جي چنڊ وانگر چمڪندڙ اديب، شاعر ۽ ناشر آھي. “منهنجون يادون منهنجو ننڍپڻ” سندس ٻالڪپڻ جي دور جي آتم ڪٿا آھي. پاڻ ان ۾ پنهنجي ننڍپڻ جي واقعن ۽ شرارتن کي نه رڳو ٻارن جهڙي معصوميت ۽ سچائي سان بيان ڪيو آھي پر ڄڻ ته ان سڄي دور کي لفظن ۾ قيد ڪري ڇڏيو آھي. منهنجو ھي مضمون سندس آتم ڪٿا بابت ھڪ مختصر تبصرو آھي.

پرواني سيوھاڻي جو هي ڪتاب سندس تيرھن سالن تائين جي ٻالڪپڻ جي عرصي جي آتم ڪٿا تي مشتمل آھي (جڏھن ته سندس باقي زندگي متعلق آتم ڪٿا اڃا اڻ-ڇپيل آھي). پرواني سيوھاڻي هي ڪتاب پنهنجي ٻالڪپڻ جي سمورن ساٿين کي ارپيو آهي. ڪتاب جي منڍ ۾ ليکڪ کان علاوه حفيظ ڏيرو، طارق عالم ۽ خيرالنساءَ جعفري ڪتاب ۽ ان جي مصنف بابت مهاڳ لکيا آھن ۽ ويچار ونڊيا آهن. ھن آتم ڪٿا ۾ پاڻ پنھنجي ٻالڪپڻ کي 17 عنوانن اندر سمايو آھي.حفيظ ڏيرو پنهجي مهاڳ بعنوان “ھڪ ڪتاب پروانو” ۾ ھن ريت رقم طراز آھي: “سنڌ ۾ ٻاراڻي ادب جو جڏهن به ذڪر نڪرندو ته ٻيو ڪوبه اھڙو نالو نه آهي جو ياد اچي پر ھڪ اھڙو نالو جنهن پنهنجي ھڙان وڙان خرچ ڪري پيرين پنڌ ٻاراڻي ادب جي خدمت ڪئي آھي. جنهن کي ٻاراڻي ادب جو مسڪين جهان خان چئجي ته غلط نه آھي، ھن کي ٻاراڻي ادب جو ساڌو هيرانند به چئجي ته وڌاءُ نه ٿيندو. ان ٻاراڻي ادب کان سواءِ هن جو وجود ئي نه آهي، ھي آهي منظور…! منظور ٻارن کي منظور، سڀني کي منظور جنهن جو اصلي نالو منظور سومرو ٻاراڻي ادب جو وڏو نالو ٻاراڻي ادب جو پروانو .المعروف پروانو سيوهاڻي جنھن جو وجود ئي ھڪ ڪهاڻي آھي. ھي ھڪ اک ھڪ ھٿ ھڪ ٽنگ ڪمزور زبان سان ڳالهائي ٿو. ھڪ ٽنگ تي ھلي ٿو لکي ٿو پڙھي ٿو پڙھائي ٿو ۽ اسان کي اسان جي قوم جي مستقبل جي ٻارن، اکين جي تارن کي ڪتاب لکي ڇپائي گهر گهر در در ورھائي ٿو؛ ھي ٻاراڻي ادب جو ھيرو پورهيت اديب آھي. ھن اسان کي تمام وڏا سهڻا ڪتاب ڏنا آھن. ويجهي ماضي ۾ ٻاراڻي ادب ۾ ھن کان وڌيڪ ڪنهن جو پورھيو نظر نه ٿو اچي.”پروانو پنهنجي ھن آتم ڪٿا ۾ پنھنجن ٻالڪپڻ جي حرڪتن واري زماني جي ھڪ واقعي جو خوبصورتيءَ سان ذڪر ڪيو آهي، جنھن ۾ رات جي بيگاهه وقت ۾ ٽارچ (جنھن کي پاڻ اليٽري چوندو ھو) جي بلب ٽٽڻ تي نئون بلب وٺڻ لاءِ ضد ڪري پنهنجي ماسڙ جنھن کي پيار مان بابا سائين ڪوٺيندو ھو کي مجبور ڪيو، نيٺ ان پنھنجي ننڍي پٽ کي چيو ته ھن کي کڻي وڃي ۽ بند دوڪان کولرائي بلب وٺي ڏئي؛ جيسيتائين سندس ٽارچ نه ٻري تيسيتائين ھن سڄو گهر مٿي تي کڻي کنيو. “ننڍپڻ جا عڪس” ۾ پاڻ پنھنجي امڙ جي زباني اھو ٻڌڻ کان پوءِ ته ھن ۾ ڄمڻ مهل ساھه نه ھو پر ڪيئن نه ماسڙ (بابا سائين) جي چوڻ تي گهر جي عورتن خاص طور سندس وڏي ڀاڄائي وات تي وات رکي ھن جا ڦڦڙ ڦوڪي ڦوڪي نيٺ ساھه وڌو ۽ جيئرو ڪيو، انڪري ان ٻڌڻ کان پوءِ ھو سندس تمام گهڻي عزت ڪندو ھو. ساڳي مضمون ۾ پرواني ڪيڏي نه معصوميت سان پنهنجي جيجل ماءُ کي ململ جو پهراڻ پائيندڙ ۽ ڪلهي تي انگوشو رکندڙ پنهنجي اصلي پورھيت بابي بدران سوٽ بشٽ (پينٽ شرٽ) وارو پاڙيسري جيڪو ٽائون ڪاميٽي جو سيڪريٽري ھو نئين بابي طور سودو ڪرڻ بابت چيو ھو!

ھن ڪتاب ۾ پروانو پنهنجي والدين جي خواهش ته من مدرسي ۾ پڙھي پوي مٿان ڪهڙين اٽڪلن ۽ حرفتن سان پاڻي ڦيريو ۽ ان سان گڏ اسڪول کان گسائڻ، بار بار ناپاس ٿيڻ ۽ استادن جي مار بابت پڻ رقم طراز آھي…“ ھا… ھڪ ڳالھه ياد اچي وئي، آئون ٽيون درجو پڙهندو ھئس، اسان جو ڪلاس سائين ھيڊ ماستر جي آفيس سان گڏ ھوندو ھو. ڪلاس ۾ استاد نه ھجڻ ڪري ڇورن ڏاڍو گوڙ پئي ڪيو ته اوچتو ھيڊ ماستر ڪاوڙ مان اسان جي ڪلاس۾ آيو ۽ اچڻ شرط اسان سڀني کي اھڙي ته مار ڏنائين جو اسان جا ھٿ سڄائي ڇڏيائين، ڪيترا ڏينھن ته امان گھر ۾ ھيڊ تيل پئي ھنيو.” پاڻ “منظور مان پروانو سيوهاڻي” ۾ ٻڌائي ٿو ته ھو پنهنجي وڏي ماسات کان روز پوسٽ ڪارڊ لکرائي ريڊيو جي پروگرامن ۾ موڪليندو ھو “اھو ڏينهن خالي نه ھوندو ھو جنهن ڏينهن منهنجو نالو ريڊيو ۾ نه اچي. جنهن وقت فرمائشي پروگرام  ايندو ھو ته ريڊيو ڀرسان رکي گهر وارن کي سڏ ڪري چوندو ھئس ته اچو منهنجو ريڊيو ۾ نالو ٻڌو، ۽ جڏھن ريڊيو ۾ ‘سيوھڻ کان منظور سومرو’ نالو ايندو ھو ته ڏاڍو خوش ٿيندو ھئس.” پاڻ ٻڌائي ٿو ته ريڊيو ٻڌندي ‘پرواني’ جو لفظ منهنجي اندر ۾ گهر ڪري ويو ۽ دل ۾ پڪو پھه ڪيم ته اڄ کان پوءِ آئون به پروانو سڏائيندس. پوءِ ان ڏينهن کان اڄ ڏينهن تائين پروانو ئي آھيان.”

مون جڏھن “رانديڪا ۽ رانديون” ۾ پرواني جي ٻالڪپڻي جي راندين چور-پوليس راند، لاٽون ڦيرائڻ، چيڪي مٽي جا رانديڪا ٺاھڻ، بلورن راند، چانڊوڪي  راتين ۾ اکٻوٽ راند، ڦر ڦر سئونٽو دٻلي ٿي ڇڻڪي راند، لغڙ اڏائڻ (ڪاوا ڪٽي ھٿ سان مانجهو ٺاھي لغڙ ڪاٽا ڪرڻ)، طوطو ۽ بلبل پالڻ جهڙين راندين بابت پڙھيو ته سچ پڇو ته مون کي ايئن محسوس ٿيو ڄڻ اھي منهنجي ننڍپڻ جا قصا ۽ رانديون ھجن ڇو ته مون پاڻ پنهنجن سئوٽن ماساتن سان اھي ئي رانديون کيڏيون ھيون. اھو سڀ پڙھندي ھڪ عجيب خوشي، مسرت ڀريو ۽ پنهنجائپ جو احساس دل ۾ پيدا ٿئي ٿو ته اسان جي ننڍپڻ ۾ جيتوڻيڪ غربت گهر ڪري ويٺي ھوندي ھئي پر پوءِ به اسان دوستن يارن سان ڪيڏا نه خوش ھوندا ھئاسين ۽ ڪيڏي نه پياري زندگي گذاريندا ھئاسين! اڄڪلھه دوست يار ھڪ ٻئي کان پري پنھنجن پنھنجن موبائيل فونن ۾ مصروف نظر ايندا آھن! ساڳئي مضمون ۾ ٻڌائي ٿو ته جيتوڻيڪ پاڻ پڙھڻ کان نٽائيندڙ ھو پر گورنمينٽ بوائز ھاءِ اسڪول سيوھڻ جي ھيڊ ماستر سائين غلام حيدر سولنگي جي مدد سان تقريري مقابلي ۾ شريڪ ٿيو ۽ پهريون دفعو تقرير ڪندي ڪلاس ڇهين مان جسماني طور معذور ھوندي به پهريون نمبر حاصل ڪيائين، اھو واقعو سڀني ٻارن لاءِ اتساھيندڙ آھي.

ھن آتم ڪٿا ۾ پرواني سيوھاڻي جو ستين ڪلاس ۾ لڳاتار ٽي سال ناپاس ٿيڻ تي شرم کان ۽ مار جي ڊپ کان گهر کان منهن ڪري ريل گاڏيءَ تي چڙھي سکر ڀڄي وڃڻ، اتي بک کان پاھه ٿيڻ، پنڻ، معصوم شاھه جو منارو گهمڻ ۽ ڪيترن ڏينهن کان پوءِ پنهنجي ماڳ ورڻ ۽ ماءُ پيءُ سان ۽ مائٽن سان ملڻ جهڙا واقعا تمام معصوميت ۽ سچائي سان قلمبند ڪيا ويا آھن. ان کانسواءِ سندس “ننڍپڻ جا اڻوسرندڙ واقعا”، “ڪاش راڳ سکان ھا..” ، “عشق… ۽ پروانو” ۽ “سنڌ جا ماڳ ۽ تاريخي منظر” ۾ انيڪ، تمام دلچسپ ۽ کل ڏياريندڙ واقعا سولي سنڌي ۾ پيش ڪيل آھن.

منظور سومري مان پروانو سيوھاڻي ڪو ايئن ڪونه ٿيو آھي پر ھن ان لاءِ ڏينھن رات ھڪ ڪئي آھي ۽ پنهنجو رت ۽ ست ولوڙيو آھي. پاڻ “آئون ڪمرو ۽ ڪتاب” ۾ ننڍپڻ جي انهي راز کي فاش ڪندي رقم طراز آھي ته “سڄو ڏينهن پيو پنھنجي ڪمري ۾ ڪتابن جو مطالعو ڪندو ھئس. مون کي خبر ھئي ته ڪتابن جهڙو ڪو ٻيو دوست نه ٿو ٿي سگهي. جيڪا به خرچي ملندي ھئي اھا ڪتابن تي خرچ ڪندو ھئس. مون وٽ تمام گهڻا ڪتاب گڏ ٿيا هئا ۽ مون ھڪ ننڍڙي لائبريري پڻ ٺاھي ھئي…” پروانو سيوھاڻي استاد بخاري کي پنهنجو ادبي ۽ روحاني رھبر سمجهي ٿو جنهن ھن کي نه رڳو پروانو تخلص جاري رکڻ تي ھمٿايو ۽ سندس شاعري جي اصلاح ڪئي پر ادبي رسالي جي سلسلي جو نالو “سرھاڻ” رکڻ ۽ شروع ڪرائڻ ۾ مدد پڻ ڪئي. ھن سلسلي ھيٺ پروانو سيوھاڻي چوي ٿو ته منهنجو پهريون ڪتاب (انڌي فقيرياڻي) ڇپجي ٻاراڻي ادب ۾ پڌررو ٿيو. منھنجو اھو پهريون ڪتاب ٻارن ۾ ايترو ته مشهور ٿي ويو ته ٻار جتي به مون کي ڏسندا ھئا ته چوندا ھئا “اڙي ھو ڏسو انڌي فقيرياڻي پيو وڃي. ٻارن جا اھي لفظ ٻڌي آئون تمام گهڻو خوش ٿيندو ھئس… ان کانپوءِ اڄ ڏينهن تائين سنڌي ٻاراڻي ادب ۾ مون سٺ کان وڌيڪ ڪتاب ڇپرائي ٻاراڻي ادب ۾ پڌرا ڪيا آھن… اڃا به ٻارن لاءِ ڪتاب ڇپرائيندو رھندس… جيسين ٻارن ساٿ ڏنو.”