پرنس ھيمليٽ ۽ شھباز شريف جي ڪردار ۾ ھڪجھڙائي

0
150
خيرپور-ناٿن-شاهه-کي-ٻيھر-ٻوڙائڻ-جي-ڪوشش

وليم شيڪسپيئر تقريبن 500 سال پھريان جيڪو جڳ مشهور ڊرامو ھيمليٽ لکيو ھو ان جي ڪھاڻي ھڪ  سچي پلاٽ تي مبني ھئي. ڊينمارڪ جي بادشاهه جي ڀاءُ جو عشق ان جي راڻي سان ٿيڻ کان پوءِ ان سڳي ڀاءُ بادشاهه کي قتل ڪرائي ان جي راڻي سان شادي ڪري حڪومت ھلائڻ ته شروع ڪئي پر  مقتول بادشاهه جي پٽ پرنس ھيمليٽ جي دل و دماغ ۾ سندس پيءُ جي قتل جي بدلي ۽ پنھنجي ماءُ جي بي وفائي، انتقام جي باهه ٻاري ڏني. سو ھڪ دفعي ھن لڪي خنجر جو وار ڪري چاچي بادشاهه کي قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر سندس خنجر چاچي بادشاهه جي بدران ان جي ھڪ وزير کي لڳي ٿو جنھن جي مرڻ کان پوءِ ان وزير جو پٽ ھيمليٽ شھزادي کي قتل ڪري ٿو ڇڏي. شھباز شريف جي پيءُ جھڙي ڀاءُ نواز شريف کي اقتدار تان ھٽائڻ کان پوءِ ھيمليٽ شھزادي وارو ڪردار ادا ڪرڻ واري ڊيوٽي ڪرڻ لاءِ عمران خان کي ھٽائي ان جو سياسي وجود ختم ڪرڻ ھو پر سندس وار بجاءِ عمران خان جي اسٽيبلشمينٽ تي ٿيڻ کان پوءِ شھباز شريف جو انجام به ھيمليٽ شھزادي جھڙو ٿيڻو آهي.

ھنن سڀني گڏجي آمريڪا، ھندوستان اسرائيل، برطانيا جي اسٽيبلشمينٽ ۽ ھتان جي اسٽيبلشمينٽ سان ساز باز ڪري عمران خان کي حڪومت مان فارغ ڪيو پر عمران خان ھنن کي جيڪو چتاءُ ڏنو ته مان اقتدار کان الڳ ٿيڻ کان پوءِ توھان لاءِ وڌيڪ خطرناڪ ثابت ٿيندس سو ان ڪري به ڏيکاريو. ھن اڪيلي سر جو سانگو لاهي ميدان ۾ لنگوٽو ٻڌي ھنن مان ھر ھڪ کي ليٿڙيون پارائي وري وري ڪيرائي ٿڪائي وڌو آهي. ھتي ھڪ لطيفو ياد اچي ويو ھڪ پٽ کي ماءُ ھنج تي کڻي مارڪيٽ ۾ رانديڪو وٺي ڏيڻ لاءِ وئي اتي پھچڻ کان پوءِ ان ٻار ماءُ کي چيو امان، ھاڻي مان ھڪ نه ٻه رانديڪا وٺندس. ماڻس چيو مئا ماريا مون وٽ ھڪ رانديڪي جا پيسا به مشڪل سان ٿيندا تون ٻن جي لاءِ ضد ڪيو آھي سو ھل گھر واپس توکي ھاڻي ھڪ به رانديڪو وٺي نه ڏينديس. لنڊن ميٽنگ کان واپس اچي ھنن اسٽيبلشمينٽ کي به ان ماءُ وانگر سمجھي ھڪ نه ٻن بجيٽ پيش ڪرڻ جي لاءِ چيو ته اسٽيبلشمينٽ ھنن کي چيو آھي ھاڻي ھلو واپس پنھنجي پنھنجي پراڻي اوقات تي. توھان کي ٻه ته ڇا ھاڻي ھڪ به بجيٽ پيش ڪرڻ جي اجازت نه آهي.

  شايد ان ڪري حفيظ شيخ کي واپس گھرايو ويو آهي. وري ھنن چيو چڱو ايترو ڪيو جو عمران خان کي روڪيو ته اسان ھڪ بجيٽ پيش ڪري اليڪشن اصلاحات، نيب کي ڪمزور ڪرڻ، اوور سيز پاڪستانين جي ووٽ، اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين کي ختم ڪرڻ ۽ پنھنجي ڪيسن کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪجھه ماڻھن کي مارائي، ريڪارڊ چورائي يا ساڙائي ختم ڪيون ان تي ٻڌڻ ۾ آيو آھي ته سپريم ڪورٽ ازخود نوٽيس ورتو آهي. عمران خان ڪنھن سان سڌو سنئون ڳالھائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. صرف جلسن ۾ جيڪو جيڪو اشارن اشارن ۾ چوڻو ھوندو اٿس ته ڏينھون ڏينهن آھستي آھستي ۽ ڪڏھن ڪڏھن ته اشارن کان سواءِ سڌو سنئو به چئي ٿو ڏئي. موت جو خوف ھجيس ته ھي جلسن ۾ بليٽ پروف سيڪيورٽي يا ڊائس به استعمال ڪري ھا پر ڏسو ته ھر جلسي ۾ ھي ڊائيس کان به گهڻو مٿي ڏسڻ ۾ ايندو. ھنن عدم اعتماد واري تحريڪ ۾ مھانگائي کي  بنياد بڻايو ھو.

قدرت جو ڪمال ڏسو ھاڻي پاڻ چئي رھيا آھن ته عالمي سطح تي مھانگائي جي ڪري اسان کي تيل گيس جون قيمتون وڌائڻيون پونديون. عمران خان سبسڊي ڏئي تيل جون قيمتون ڇھن مھينن تائين ھڪ جيتريون رکي اسان لاءِ وڏي سازش ڪري ويو آهي. عمران خان جي حڪومت ۾ فلاحي ڪمن، زرعي پيداوار،  نوجوان روزگار اسڪيم  جنھن جي تعريف مفتاح اسماعيل به ڪري رھيو آھي ته اھا اسڪيم تمام سٺي آھي.  حڪومتي خرچ گھٽائڻ، گرين پاڪستان، ڇھه نوان ڊيم، پناهه گاھون، اسلامو فوبيا، رحمت اللعالمين اٿارٽي وارو بل پاس ڪرائڻ، ريئل اسٽيٽ، اسٽاڪ ايڪسچينج، زر مبادله، جي ڊي پي جي بھتري ڪري موڊيز به چئي ڏنو ھو ته عمران خان جي ڪورونا پاليسي معيشت کي بچائڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي آهي.  عالمي ميڊيا به تعريف ڪري رھيو ھو. ورلڊ بينڪ، سعودي عرب، چين، متحده عرب امارات، چين روس به سرمائي ڪاري ڪرڻ لاءِ تيار ھئا پر ڪجھه ميڊيا جي  چينلز ۽ ڪردارن جن امپورٽيڊ حڪومت کي آڻڻ لاءِ اسٽيبلشمينٽ جي تعريف ڪرڻ شروع ڪئي ھئي اھي سڀ وري پراڻي ڪم تي واپس اچي اسٽيبلشمينٽ کي گھٽ وڌ ڳالھائڻ لاءِ شروع ٿي ويا آهن. ھاڻي ته اسٽيبلشمينٽ کي به سڌو سنئون تنقيد جو نشانو نه صرف عالمي ميڊيا پر ھتان جي ڪافي غير جانبدار لکارين به بنائڻ شروع ڪيو آهي.

اسرائيل ۾ ھڪ وفد کي موڪلي  رابطا بحال ڪرڻ، ۽ ھندوستان ۾ مشير تجارت مقرر ڪيو ويو آهي. بلاول ڀٽو زرداري آمريڪا جي دوري تي وڃي ڪافي ڪجھه ڏئي ڪجھه نه ڪجھه پنھنجي مستقبل لاءِ به وٺندو عمران خان واري آزاد خارجه پاليسي کي غلاماڻي خارجه پاليسي ۾ وري تبديل ڪرائي.  زرداري، مولانا شھباز شريف کي ڦاسائي پاڻ لطف اندوز ٿي رھيا آھن جنھن تي نواز شريف کي ھاڻي خبر پئي آهي ته ھنن اسان سان وڏي تعدي ڪرائي ڇڏي آهي. جڏھن عمران خان  وڊيو ريڪارڊ ڪرائي  اقوام متحده، عالمي ميڊيا، سپريم ڪورٽ آف پاڪستان، عالمي عدالت، انساني حقن جي تنظيمن کي سندس قتل ٿيڻ کان پوءِ موڪلڻ جو چتاءُ ڏنو آهي ته آمريڪا تي ته شايد ان جو اثر گھٽ ٿئي پر مقامي اسٽيبلشمينٽ جا ڪن کڙا ٿي ويا آهن ڇو ته ان ۾ ھن مقامي اسٽيبلشمينٽ جا نالا به  شامل ڪيا آهن. امپورٽڊ حڪومت کي اختيار، اقتدار پئسا گھرجن اھي ھن جي مارجڻ کان پوءِ ملڪ کي وڏي پيماني تي معاشي ۽ اقتصادي نقصان رسائڻ ۽ عمران خان کي مارائڻ لاءِ اسٽيبلشمينٽ تي الزام ھڻي ڇڏيندا ھميشه جيان. ڇو ته ھاڻي ھنن کي اھو ڊپ آھي ته جي عمران خان اڪثريت سان ڪاميابي حاصل ڪري اچي ويو ته صدارتي طرز حڪومت قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو ان ڪري ڪافي سياسي پارٽين جو وجود ختم ٿي ويندو.

عمران خان سپريم ڪورٽ تي تنقيد سان گڏ وري به آسرو رکي، فوج کي پاڻ کان وڌيڪ اھميت ڏئي، ميڊيا تي ڀروسو نه ڪندي ڪجھه سوشل ميڊيا جي يوٽيوبرز ۽ ڪروڙن جي تعداد ۾ سوشل ميڊيا تي موجود نوجوان جيڪي اڳ ۾ غير صحتمند رجحانن تي لاڙو رکندڙ ھئا انھن کي پاڻ لاءِ ڄاڳائي ھنن جون ننڊون حرام ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو آهي. ھن بار بار  انقلاب جو چتاءُ ڏئي ھر ھڪ کي سوچڻ تي مجبور ڪري وڌو آهي. ھن جي جلسن ۾ شريڪ ماڻھن جي وڏي تعداد ھوندي نظم و ضبط جو بھترين بندوبست ۽ سيالڪوٽ ۾ ڪمال ڪري ڏيکاريو ته ٽن ڪلاڪن ۾ ٻئي ھنڌ ماڻھن جو پھچڻ جلسي جو انتظام ڪرڻ ظاھر ٿو ڪري واقعي ھي ڪنھن انقلاب جو پيش خيمو ثابت ٿيندو. پاڪستان ۾ پھريون ڀيرو ٿيو آهي ته حڪومت مان فارغ ٿيڻ کان پوءِ بجاءِ مٺايون ورهائڻ جي حڪومت ھجي يا عوام مٺايون کائڻ کارائڻ کان پاسو ڪري رھيا آھن.