پرنس مير مهدي رضا جو اپوا ميڊيڪل سينٽر جي چيئرپرسن کي ليگل نوٽيس

0
309
پرنس مير مهدي رضا

خيرپور: اڳوڻي واليءِ رياست مير هزهائينس جي فرزند پرنس مير مهدي رضا اپوا ميڊيڪل سينٽر کي فلاحي ادارو ڪري نه هلائڻ تي اپوا جي چيئرپرسن حجاب اختر کوسو ڏانهن پنهنجي وڪيل معرفت ليگل نوٽيس اماڻي ڇڏيو

نوٽيس ۾ چيو ويو آهي ته اپوا ميڊيڪل سينٽر جي عمارت غريب ۽ مستحق ماڻهن لاءِ فلاحي ميڊيڪل سينٽر قائم ڪرڻ لاءِ ڏني هئي پر ان کي ڪمائي جو ذريعو بڻايو ويو آهي ۽ ھڪ جعلسازي ذريعي اپوا انتظاميا اپوا ڪلب جو ڳجھه ڳوھ ۾ کاتو تبديل ڪرايو آهي

نوٽيس موجب اپوا ميڊيڪل سينٽر کي سالن کان منافعي بخش ادارو ڪري هلائي غريب عوام کي لٽيو پيو وڃي، مان هي پراپرٽي توهان کي ڪڏهن ڀي ڊونيٽ نه ڪئي آهي ته پوءِ توهان اپوا ميڊيڪل سينٽر جي ٻاهران هي بورڊ ڪنهن جي اجازت ۽ مرضي سان هنيو آهي ته اها پراپرٽي مان توهان کي گفٽ ڪئي آهي

ھي به پڙھندا

شاهه لطيف يونيورسٽي ۾ هڙتال: انتظاميا تي سنگين الزام