ڪراچي(اسپورٽس نيوز) مڊل آرڊر بيٽسمين خوشدل شاهه خلاف اسٽيڊيم ۾ پرچي جي نعرن تي اڳوڻي اسٽار آل رائونڊر شاهد آفريدي ردعمل جو اظهار ڪيو آهي. خوشدل سان پيش آيل واقعي تي شاهد آفريدي چيو ته ان ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته جڏهن رانديگر پرفارمنس ڏيندو ته اهي ئي شوقين هن کي مٿي تي به ويهاري ڇڏيندا آهن، مداح اوهان جي سڃاڻپ هوندا آهن هر رانديگر تي ڏکيو وقت ايندو آهي جنهن دوران هن تي تنقيد ٿيندي آهي. هن چيو ته پرفارمنس ته ڏيڻي پوندي ڇوته جيڪڏهن اوهان مين رانديگر طور راند کيڏي رهيا آهيو ته شوقين اميد لڳايون ويٺا آهن ته مڊل آرڊر بيٽسمين هيٺ اچي ڇڪا چوڪا هڻندا ۽ پوءِ اوهان لڳاتار 4 کان 5 ميچن ۾ پرفارم نٿا ڪريو ته ظاهري ڳالهه آهي تنقيد ته ٿيندي. اڳوڻي ڪپتان چيو ته سٺا ڪپڙا پهرڻ سان سٺو لڳي سگهجي ٿو پر اصل شيءِ هڪ رانديگر جي پرفارمنس آهي، هڪ رانديگر لاءِ سڀ ڪجهه تيار ٿيڻ وار ٺاهڻ ناهي بلڪ پرفارمنس ڏيڻ آهي جيڪا رانديگر کي خوبصورت بڻائيندي آهي.