حيدرآباد (رپورٽ: فيض کوسو) اسلام ڪوٽ ۾ پرزائيڊنگ آفيسر تي تشدد ڪندڙ اسسٽنٽ اڪائونٽس آفيسر جاچ  ڪاميٽي آڏو ٻيو ڀيرو به پيش نه ٿيو، غلام محمد جوڻيجو کي جاچ ڪاميٽي آڏو پيش ٿيڻ لاءِ نوٽيس به جاري ٿيو هو، اسسٽنٽ اڪائونٽس آفيسر پاران جاچ ڪاميٽي تي بي اعتمادي ظاهر، ٻي ڪاميٽي جڙڻ تائين کيس پيشي کان آجو ڪرڻ جي درخواست، ان ڏس ۾  اسلام ڪوٽ ۾ مڪاني چونڊن جي پولنگ دوران پرزائيڊنگ آفيسر کي تشدد جو نشانو بڻائيندڙ اسسٽنٽ اڪائونٽس آفيسر غلام محمد جوڻيجو ٻيو ڀيرو به جاچ ڪاميٽي آڏو پيش نه ٿيو آهي. کيس جمع تي جاچ ڪاميٽي آڏو پيش ٿيڻ لاءِ نوٽيس جاري ڪيو ويو هو پر هو جاچ ڪاميٽي آڏو پيش نه ٿيو. هن جاچ ڪاميٽي آڏو پيش ٿيڻ بدران سيڪريٽري صحت پاران جوڙيل ڪاميٽي تي عدم اعتماد ظاهر ڪندي ڊائريڪٽر جنرل هيلٿ سروسز سنڌ کي هڪ خط لکي چيو آهي ته هو انڪوائري ڪاميٽي مان مطمئن نه آهي ان ڪري هن انصاف جي حاصلات لاءِ سيڪريٽري صحت کي جاچ ڪاميٽي ۾ تبديلي لاءِ درخواست لکي آهي. جيستائين نئين جاچ ڪاميٽي قائم ٿئي تيستائين کيس پيشي کان آجو قرار ڏنو وڃي. واضح رهي ته جاچ ڪاميٽي غلام محمد جوڻيجو کي 22 جولاءِ تي به طلب ڪيو هو پر هو ڪاميٽي آڏو پيش نه ٿيو هو ۽ کيس ٻيهر گذريل ڏينهن جمع تي پيش ٿيڻ لاءِ نوٽيس جاري ڪيو ويو هو پر هو ٻيو ڀيرو به جاچ ڪاميٽي آڏو پيش نه ٿيو. واضح رهي ته جاچ ڪاميٽي ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر جنرل هيلٿ سروسز سنڌ ڊاڪٽر شهاب الدين قريشي، ڊپٽي سيڪريٽري رياض جکراڻي ۽ ڊائريڪٽر هيلٿ سروسز ميرپورخاص کي شامل ڪيو ويو آهي پر غلام محمد جوڻيجي ان ئي جاچ ڪاميٽي تي عدم اعتماد ظاهر ڪري ڇڏيو آهي.