جهڏو (ن پ ا) جهڏو مان گذرندڙ پاڻي جي قدرتي لنگھه پراڻ ڍوري ۾ پاڻي جي سطح ۾ لاٿ نه اچي سگهي آهي، پراڻ جو پاڻي ايل بي او ڊي ۾ نيڪال نه ٿيڻ ڪري ڍوري ۾ مسلسل چاڙهه اچي پيو، ايل بي او ڊي ۾ پاڻي جي سطح وڌيڪ هجڻ ڪري ايل بي او ڊي پراڻ جو پاڻي نه پئي کڻي، جنهن سبب جهڏو شهر جو شيدي پاڙو، عاشق ڪالوني ،هاشم ڪالوني ،کوسا پاڙو ،غلام حسين ڪالوني ،اسلم ٽائون سميت ڪيترائي علائقا ۽ سوين ڳوٺ بدستور پاڻي ۾ ٻڏل آهن، ڄاڻايل علائقن ۾ 3 کان 6 فوٽن تائين پاڻي بيٺل آهي، پاڻي نيڪال نه ٿيڻ ڪري شهر اندر پيئڻ جي پاڻي ۽ کاڌ خوراڪ جي کوٽ پيدا ٿي وئي آهي، واضح رهي ته شهرين توڙي چونڊيل نمائندن جو مطالبو آهي ته ايل بي او ڊي جي آر ڊي 211 زيرو پوائنٽ وٽ غير قانوني ٿيل قبضا هٽائي ڪٽ ڏئي پاڻي کي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪيو وڃي.