پراڻ ڍوري کي لڳل گهاري بدين ضلعي ۾ تباهي مچائي ڇڏي، لڏپلاڻ جاري

0
297
پراڻ ڍوري کي لڳل گهاري

ڪراچي (نمائندن وٽان) ايل بي او ڊي جي سِم نالن ۽ شاخن کي گهارن جون تباهڪاريون جاري، پراڻ ڍوري کي لڳل گهاري بدين ضلعي ۾ تباهي مچائي ڇڏي، گهاري جو پاڻي سوين ڳوٺ ٻوڙيندو پنگريو ۽ سمن سرڪار جي حدن ۾ داخل ٿي ويو

پراڻ ڍوري کي لڳل گھاري جوپاڻي شهري آبادي ڏانهن تيزي سان وڌڻ لڳو آھي، ٻڏي ويل علائقن مان ماڻهن جي پنهنجي مدد پاڻ تحت لڏپلاڻ جاري آھي، سوين خاندان بندن ۽ شاخن جي ڪنارن سوڌو روڊن تي کُليل آسمان هيٺ بي يارو مددگار ويٺل آھيميهڙ شهر کي بچائڻ لاءِ 7

 پراڻ ڍوري ۽ جرڪس شاخ کي لڳل گهارا بند نه ٿيڻ خلاف احتجاج ڪيو ويو، سوين ڳوٺن جي ماڻهن طرفان جهڏو روڊ تي ڌرڻو ھنيو ويو، بدين انتظاميا ۽ آبپاشي عملدارن خلاف نعريبازي ڪئي وئي

ان سلسلي ۾  ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته حڪمرانن هٿرادو گهارا هڻي ملڪاڻي کي ٻوڙيو آهي، پراڻ ڍوري ۽ جرڪس شاخ جي گهارن جو پاڻي تيزي سان ڳوٺن کي ٻوڙي رهيو آهي، شهرين طرفان گهارا فوري بند ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو

ھي به پڙھندا

گڊو ۽ سکر بئراج تي سنڌوءَ ۾ مٿانهين درجي جي ٻوڏ برقرار

يوسي گوزو ڀرسان سُپريو بند کي لڳل گهارو ميهڙ جي حدن ۾ داخل