جهڏو (ن پ ا) جهڏو مان گذرندڙ پراڻ ڍورو جي بحالي لاءِ جماعت اسلامي جي وفد جي ايم پي اي مير طارق ٽالپر سان ملاقات، قدرتي وهڪري کي اصل حالت ۾ بحال ڪرڻ جو مطالبو، جماعت اسلامي جهڏو جي وفد اظهر جميل آرائين، ڊاڪٽر شمشاد، عمرخان، پرويز حفيظ ۽ ڊاڪٽر مشتاق جي اڳواڻي ۾ ايم پي اي ۽ چيئرمين پارلياماني ڪميٽي آبپاشي مير طارق ٽالپر سان سندس رهائشگاهه تي وڃي ملاقات ڪئي ان موقعي تي اڳواڻن مير طارق ٽالپر کي آگاهي ڏيندي چيو ته پراڻ ڍورو جي بحالي لاءِ شروع ٿيل ڪم سست رفتاريءَ جو شڪار آهي ان کي ايندڙ برساتن کان اڳ جلد مڪمل ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري، جهڏو شهر کي ٻڏڻ کان بچائڻ لاءِ بندن کي مضبوط ڪري شهر ۾ ٻوڏ سبب تباهه ٿي ويل روڊ رستا ۽ گٽر نالن جي نئين سر تعمير ڪئي وڃي وفد پاران مير طارق ٽالپر کي جماعت اسلامي جي الخدمت فائونڊيشن پاران ٻوڏ دوران ڪيل ڪمن بابت آگاهي ڏني وئي. ان موقعي تي مير طارق ٽالپر پاران الخدمت فائونڊيشن جي ڪيل ڪمن کي ساراهيو ۽ وفد کي يقين ڏياريو ته پراڻ ندي جي بحالي سنڌ سرڪار جي اولين ترجيح آهي قدرتي وهڪرن تي قبضن کي جلد خالي ڪرايو ويندو پراڻ ڍورو جي پلين جي هلندڙ ڪم ۾ تيزي آندي ويندي وفد پاران پنهنجا مطالبا لکت ۾ مير طارق ٽالپر کي پيش ڪيا ويا.