ڪراچي (رپورٽ: نظير ميمڻ)سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي ۾ قتل ٿيل سماج سڌارڪ پروين رحمان ڪيس جي 4 جوابدارن رحيم سواتي، امجد حسين، اياز سواتي ۽ احمد حسين کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، مقتوله جي خاندان پاران فيصلو چيلنج، ان ڏس ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ پروين رحمان قتل ڪيس جي جوابدارن جي اپيلن تي 38 صفحن تي لکت ۾ فيصلو جاري ڪندي چيو آهي ته هن ڪيس جو اهم رخ 2011ع ۾ مقتول پروين رحمان جو هڪ صحافي کي ڏنل انٽرويو آهي، پروين رحمان جو اهو انٽرويو قابل قبول آهي يا نه؟ اهو انٽرويو 2011ع ۾ سندس قتل کانپوءِ نشر ڪيو ويو، جنهن تي جوابدارن جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته انٽرويو جي ڪا به قانوني حيثيت ناهي، جڏهن  پروين ڪنهن به عدالت آڏو پنهنجو بيان رڪارڊ نه ڪرايو آهي. سندس انٽرويو قابل قبول ناهي، جنهن تي عدالت چيو ته ٿي سگهي ٿو ته  پروين ڪراچي ۾ امن امان جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي انٽرويو ڏنو هجي، جڏهن ته جي آءِ ٽي ميمبر بابر بخش جو چوڻ هو ته مقتوله انٽرويو ۾ سياسي پارٽين تي عام الزام هنيا، جي آءِ ٽي ميمبر چيو ته ڪيس کي منهن ڏيندڙ جوابدارن مان ڪنهن تي به ڪو خاص الزام ناهي، پراسيڪيوشن اهو به ثابت نه ڪري سگهي آهي ته جوابدار رحيم سواتي جو سياسي جماعت سان تعلق آهي، جوابدارن خلاف ڪو به ٺوس ثبوت ناهي، پروين رحمان قتل ڪيس ۾ جوڙيل جي آءِ ٽي جي حيثيت ڪيس جي چالان کان وڌيڪ نه آهي، جي آءِ ٽي رپورٽ جي بنياد تي عدالت ڪنهن به جوابدار جي سزا يا بي گناهه جو فيصلو نه ٿي ڪري سگهي، لکت واري فيصلي ۾ چيو ويو ته جوابدارن تي قتل ۾ مدد ڪرڻ جا الزام ثابت نه ٿيا، ڪيس ۾ شڪ جو فائدو جوابدارن کي ڏنو ويو، ڪيس ۾ هڪ نه پر ڪيترائي شڪي نقطا سامهون آيا آهن، ٽرائل ڪورٽ طرفان جوابدارن کي ڏنل سزا ڪالعدم قرار ڏني وڃي، جوابدار جيڪڏهن ٻئي ڪنهن ڪيس ۾ گهربل ناهن ته کين آزاد ڪيو وڃي، هوڏانهن پروين رحمان جي خاندان سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي سپريم ڪورٽ ۾ چيلنج ڪرڻ جو فيصلو ڪندي چيو آهي ته جوابدارن کان اسان جي خاندان ۽ اورنگي پائلٽ پراجيڪٽ ۾ ڪم ڪندڙ ملازمن کي خطرو آهي، جوابدارن کي فوري طور تي ايم پي او تحت حراست ۾ ورتو وڃي، هنن چيو ته سنڌ حڪومت پڻ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي اڄوڪي فيصلي خلاف فوري طور اپيل داخل ڪري، جڏهن ته وفاقي حڪومت کي اهڙن واقعن جو جائزو وٺڻ گهرجي، واضح رهي ته 2013ع ۾ اورنگي پائلٽ پراجيڪٽ جي ڊائريڪٽر پروين رحمان کي منگھو پير ۾ موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن فائرنگ ڪري قتل ڪيو هو، جڏهن ته ڊسمبر 2021ع ۾ دهشتگردي جي انت واري عدالت جوابدار کي 2 ڀيرا عمر قيد جي سزا ٻڌائي هئي.