ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) سنڌ اسيمبلي مان بل پاس ٿيڻ توڙي گورنر پاران بل تي صحيح ڪري ايڪٽ (قانون ) جو درجو ڏيڻ باوجود سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن فعال نه ٿي، سنڌ  سرڪار ڏيڍ سال کان غيرفعال بڻيل ڪميشن جي بجيٽ  ۾ 64 سيڪڙو واڌ ڪري 31 ڪروڙ 60 لک 33 هزار مان 48 ڪروڙ 78 لک 85 هزار رپيا ڪري ڇڏي، 14 ڪروڙ 76 لک 91 هزار رپين جي سالياني پگھار توڙي الائونس کڻندڙ 102 آفيسر ۽ 167 ملازم ڏيڍ سال کان فارغ ويٺل آهن، سنڌ بجيٽ 2022_23 ع جي دستاويزن موجب غيرفعال بڻيل سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو ساليانو آپريشنل خرچ 20 ڪروڙ 61 لک 23 هزار رپيا آهي، ڪميونيڪيشن (رابطا ڪاري)لاءِ 50 لک 89 هزار، بجلي، پاڻي ۽ گيس جي بلن لاءِ 16 لک 37 هزار، گاڏين جي خرچ لاءِ 19 لک، تيل ۽ سفري خرچ لاءِ 2 ڪروڙ 59 لک 69 هزار رکيل آهن. جڏهن ته مختلف متفرق خرچن لاءِ الڳ 16 ڪروڙ 70 لک 26 هزار رپيا مختص ڪيا ويا آهن، گذريل مالي سال دوران ڪميشن جي غيرفعال هجڻ باوجود 25 لک رپين جي فرنيچر کانسواءِ ڪميپوٽر ۽ ٻئي ضروري مشينري جي خريداري تي 898 لک 69 هزار رپيا خرچ ڏيکاريو ويو، جڏهن ته نئين مالي سال ۾ گاڏين، فرنيچر توڙي ٻئي مشنري جي مرمت لاءِ 75 لک 25 هزار رپين جي وڏي رقم رکي وئي آهي. ٻئي طرف نئين قانون موجب ڪميشن جو نئون چيئرمين وزيراعليٰ جي مشوري سان گورنر کي مقرر ڪرڻو آهي، جڏهن ته 10 نوان ميمبر وري وزيراعليٰ کي مقرر ڪرڻا آهن، هن وقت تائين چيئرمين توڙي ميمبرن جي مقرري جي لاءِ اخبارن ۾ اشتهار نه ڏنو ويو آهي ۽ نه ئي وري اميدوارن جي ڇنڊڇاڻ لاءِ اسڪروٽني ڪاميٽي جوڙي وئي آهي