پاڻ کي ڌماڪي سان اڏائيندڙ عورت جي سڃاڻپ ٿي وئي: ڪراچي پوليس

0
585

پاڻ کي ڌماڪي سان

ڪراچي (ڊيسڪ رپورٽ) ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي غلام نبي ميمڻ جو چوڻ آهي ته ٿي سگهي ٿو ته ڌماڪيدار مادو يونيورسٽي اندر عورت کي فراهم ڪيو ويو هجي

نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي غلام نبي ميمڻ جو چوڻ هو ته ڪراچي يونيورسٽي ۾ پاڻ کي ڌماڪي سان اڏائيندڙ عورت جي سڃاڻپ ٿي وئي آهي، هوءَ ڪراچي يونيورسٽي جي شاگردياڻي هئي ۽ هاسٽل ۾ ئي رهندي هئي ۽ هوءَ ايجوڪيشن ۾ ماسٽرز ڪئي ۽ ايم فل فرسٽ ايئر ۾ هئي

ايڊيشنل آءِ جي جو چوڻ هو ته ممڪن آهي ته يونيورسٽي اندر عورت کي ڌماڪيدار مادو فراهم ڪيو ويو هو، سي سي ٽي وي ۾ عورت مطمئن نظر اچي رهي هئي، گاڏي ۽ ان ۾ موجود پرڏيهي استاد مڪمل طور تي ريڪي ڪئي وئي، تعليمي اداري ۾ اهڙو واقعو حيرت انگيز آهي

غلام نبي ميمڻ چيو ته يونيورسٽي ۾ عورتن جو تعليمي رڪارڊ چيڪ ڪيو پيو وڃي، ڪراچي يونيورسٽي جي پنهنجي سيڪيورٽي آهي ۽ اندر رينجرز جو هڪ ونگ به آهي، دهشتگردي جي واقعن کي انٽيليجنس اطلاعن تي ئي ناڪام بڻائي سگهجي ٿو

هن وڌيڪ چيو ته ڪراچي يونيورسٽي جي حوالي سان ڪي به سڪيورٽي خدشا نه هئا، يونيورسٽي ۾ ايندڙ شاگردن ۽ ماڻهن جي تلاشي ورتي وڃي، حملي بابت مختلف هنڌن جي سي سي ٽي وي فوٽيجز گڏ ڪيون پيون وڃن جنهن سان وڌيڪ ثبوت سامهون ايندا

ايڊيشنل آءِ جي چيو ته شهر ۾ سيف سٽي پروجيڪٽ تي ڪم ڪرڻو آهي، شهرين جي سهڪار سان 44 هزار ڪئميرائون لڳايون ويون آهن، شهر جي داخلي ۽ خارجي رستن تي سڪيورٽي پلان موجود هو

ھي به پڙھندا

ڪراچي ڌماڪو: 3 چيني شهرين سميت 4 ڄڻا مارجي ويا: سي سي ٽي وي فٽيجز سامهون اچي ويا