ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي سينيئر اداڪارا نيتو ڪپور عاليه ڀٽ سان شادي کانپوءِ پنهنجي ڪٽنب ۾ ٿيندڙ هاڪاري تبديلين جي حوالي سان پهريون ڀيرو گفتگو ڪئي آهي. هڪ انٽرويو ۾ نيتو ڪپور چيو ته پٽ جي شادي کانپوءِ تمام گهڻي خوش آهيان، عاليه رنبير کي بي حد محبت ڏني آهي. ڀارتي اداڪارا پنهنجي پٽ جي ازدواجي زندگي بابت ڳالهائيندي چيوته شادي کانپوءِ مون رنبير ۾ ڪيئي هاڪاري تبديليون ڏٺيون آهن، هو مڪمل طور تي مٽجي ويو آهي. نيتو ڪپور چيو ته پاڻ کي خوشقسمت سمجهان ٿي جو عاليه اسان جي خاندان جو حصو بڻي، شادي بعد نه رڳو رنبير پر اسانجون زندگيون به بدلجي ويون آهن، پهريان مونکي ڳڻتي هئي ته شادي نه ٿيندي، پر آخرڪار اها ٿي چڪي آهي.