پاڻ توبھ ڪئي

0
166
پاڻ توبھ ڪئي

  هن وقت اسان وٽ گهڻو ڪجھ غلط ٿي رهيو آھي, جيئن جنرل آغا يحييٰ خان جي دور ۾ 1970ع جي عام اليڪشن پڄاڻان ٿيو هو، جنهن جي نتيجي ۾ اوڀر پاڪستان ٽُٽي ويو ۽ اسان جا نوي هزار فوجي جنگي قيدي بڻيا هئا.

                 جيتوڻيڪ هن وقت اسان وٽ سولين حڪومت آھي، ڪجھ ئي مهينن ۾ عام اليڪشن ٿيڻ وڃي رهي آھي، پر ان اليڪشن ٿيڻ جو تصور اڃان مشڪل  لڳي رهيوآھي.

                 پاڪستان ۾ هن دفعي عمران خان جي گرفتاري کان پوءِ وڳوڙين سرڪاري هنڌن سميت جناح ھائوس تي حملو ڪري ان کي ساڙي رک ڪري ڇڏيو. ٻن ڏينهن جي مختصر مدت ۾ عمراني ڪارڪنن ملڪ ۾ اهڙو ته ڪم ڪري ڏيکاريو، جهڙو ڪم ملڪ سان ڪو دشمن به نه ڪري سگهي. اهڙي صورتحال تاريخ اسان کي گهڻو اڳ به ٻڌائي آھي. جنگ آزادي جي هيري تانتيا ٽوپي جي ڦاهي واري ڏينهن ونڌيا چل، جمنا، راجپور، ادي پور ۽ ھندستان جي ٻين علائقن ۾ انگريز سرڪار خلاف ڪاوڙيل آزادي پسندن ڪيو ھو,. اپريل1859ع ۾ ھڪ وڌيل ڏاڙھيءَ سان، جنهن جي چهري تي نراسائي هئي، اکين ۾ صدمن جو ٿڪ هو، هٿن ۽ پيرن ۾ لوهي ڪڙيون هوس ۽ فوج سندس چوڌاريءَ بندوقون تاڻي بيٺي هئي، جنهن کي ڦاسي جي تختي تي آڻي رسي ڪنڌ ۾ وڌي ويئي ۽ پوءِ تختو ڇڪيو ويو. شام تائين سندس ڌڙ ڦاسي جي ڦندي ۾ لڙڪندو رهيو. جڏھن آزادي جا متوالا ايئن ماريا ويندا آھن ته اهڙا رد عمل اچڻ فطري عمل ٿي سگهن ٿا، پر هن وقت جو اسان وٽ ڪجھ ٿيو يا ڪرايو ويو، اهو بنھ انساني جبلت جي ابتڙ ۽ پنهنجي وطن خلاف ڪا سوچي سمجهي سازش ٿي لڳي. تحريڪ انصاف جي اڳواڻ عمران سان ڪارڪنن جي ايتري محبت جيتوڻيڪ سمجھ کان گهڻو ٻاهر آھي. پاڪستان جا ڪافي ٻيا سياسي ليڊر هئا، جيڪي سياسي بصيرت رکڻ سان گڏ وڏا مقرر هئا، جن جون تقريرون ٻڌي ماڻھو سندن ديوانا بڻجي پوندا هئا ۽ ساڻن حد درجي جي محبت به ڪندا هئا. جيئن  جرمني جو هٽلر ۽ اٽلي جو مسوليني به سٺا مقرر هئا، جنهن ڪري ماڻھو انهن ڏانهن ڇڪجي ويندا ھئا. عمران وٽ تقرير جو فن به ڪونهي. هو فقط مخالفن کي چور ۽ ڌاڙيل ئي چوندو رهندو آھي. هو ان کان اڳ فقط نالي وارو ڪرڪيٽر رهيو آھي.

هن جي سياست ۾ انٽري کان اقتدار تائين ۽ اقتدار کان مخالف ڌر تائين ڪو به اهڙو ڪم ناهي، جنهن تي ماڻھو مٿس فدا ٿين. اها ٻي ڳالھ آھي ته هن جو جارحانا انداز ئي شايد سندس ڪارڪنن کي گهڻو پسند آھي. سياست جي گروئن جو اهو به خيال آھي ته ھن جي هر وک فاشلزم ڏانهن وڌندڙ لڳي ٿي. جيتوڻيڪ  عمران خان تي نه رڳو مخالفن کي هيسائڻ، ڪرپشن جا الزام لڳا پر مٿس جنسي بي راهه روي جا به ڪافي الزام لڳا. تاريخ ٻڌائي ٿي ته برصغير سميت دنيا جي ٻين ڪيترن ئي علائقن ۽ ملڪن جي راجائن، بادشاهن تي ان قسم جا الزام لڳل آھن. مشھور خليفي هارون رشيد کان ويندي سلطان محمود غزنوي تائين، ايران جي شاهه عباس کان ويندي قطب الدين ايبڪ تائين ڪيئي بادشاه هئا، جن تي مخالفن کي ڪچلڻ ۽ جنسي بي راهه روي جا الزام لڳا آھن. الزامن کان آجا پاڪستان جا ڪي به سياستدان نه آھن، سواءِ قائد اعظم محمد علي جناح ۽ محمد خان جوڻيجي جي.

بهرحال، طبقاتي نفرت کانسواءِ شايد ڪو حڪمران حڪومت ڪري ئي نٿو سگهي، ان ڪري ڪنهن به حڪمران تي مختلف قسمن جا الزام لڳندا ئي رهندا آھن، ان ڪري عمران کان ويندي، نواز شريف، شھباز، آصف زرداري يا ٻين تي الزام موجود آھن. انهن الزامن جي ڇند ڇاڻ لاءِ ڪورٽون موجود آھن، جيڪي فيصلن جو بهتر فورم آھن. تعجب ان ڳالهه تي آھي ته پاڪستان ۾ موجود پي ڊي ايم حڪومت چيف جسٽس آف پاڪستان جي ان فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ سامهون مظاهرو ڪيو هو، جنهن ۾ عمران جي گرفتاري کي غير قانوني ڄاڻائي سندس رهيل ڪيسن ۾ ضمانت ڏني ويئي هئي ۽ تعجب ان ڳالھ تي به آھي عمران جي گرفتاري واري ڏينهن هڪ پاسي ريڊيو پاڪستان جلي رهيو هو ته ٻئي پاسي ڪور ڪمانڊر جي گهر تي ماڻھن جو هڪ وڏو جٿو آساني سان حملي آور هو. پاڪستان جي سياسي تاريخ ۾ هن کان اڳي ڪڏھن به باهين ۽ ڀڃ ڊاهه جو اهڙو مثال ڪو نه ٿو ملي، جو ڪنهن آرمي هائوس تي آساني سان حملو ٿيو هجي. چون وارا اهو به چون ٿا ته عمران کي هر ڀيري رليف ملندو رهيو آھي پر 9 مئي جي واقعن کان پوءِ ھو بند گهٽيءَ ۾ ڦاسي پيو آھي ته ٻئي پاسي سندس پارٽي ٽوڙ ڦوڙ جو شڪار ٿيندي پيئي وڃي. هر روز ڪو نه ڪو ماڻھو کانئس بنا موڪلاڻي جي پارٽي ڇڏيندو ٿو وڃي. پاڪستان ۾ سياسي پارٽين سان ايئن  ٿيندو رهيو آھي. ان ۾ ڪو به شڪ نه آھي. تحريڪ انصاف جي اڳواڻن به تشدد جي واٽ جي چونڊ ڪئي، جنهن ڪري اسٽيبلشمنٽ کانئن ڪنڌ ورائي ويئي ۽ سندن پڄاڻي ٿيڻ وڃي رهي آھي.

شخصي اقتدار قائم رکڻ وارن ماڻھن جو اهو دستور رهيو آھي ته هو قومي انتشار جي بهاني پنهنجي اقتدار کي ڊيگهه ڏيندا رهندا آھن. جڏھن وٽانئن اقتدار هليو ويندو آھي ته هو وڳوڙ ۽ تشدد جي سياست تي لهي ايندا آھن، جيئن 9 مئي تي ڪيو ويو. ايئن ڪرڻ سان ملڪي سالميت داءَ تي لڳي ويندي آھي. پاڪستان جون جاگرافي حدون انڊيا، چين، افغانستان ۽ ايران سان لڳن ٿيون. انڊيا اسان جي ملڪ ۾ ٿيندڙ اهڙن حرڪتن تي خوش ٿئي ٿو ۽ گڏوگڏ اهڙن ڪردارن کي ڀڙڪائي به ٿو، ڇاڪاڻ ته هو پاڪستان جو سدائين ويري رهيو آھي.

مون کي ياد آيو ته ڪافي سال اڳ  اسان جي ڳوٺ جي ٻن پاڙن جي ٻن ھمراهن جو ٻنيءَ جي دنگ تان سدائين جهيڙو رهندو هو. جڏھن هڪ پاڙي جي گهرن جي وچ ۾ ڪو پاڻ ۾ مسئلو ٿيندو هو ته ٻئي پاڙي جو اهو همراهه اچي چوندو هو ته سٺو ٿيو پاڻ ۾ پيئي اٿن. هو وري ان پاڙي جا همراهه پاڻ سان گڏائڻ جي ڪوشش ڪندو هو ۽ چوندو هو ته هاڻي منهنجي طاقت ۾ واڌ اچي ويئي آھي. هاڻي مخالف جو پاڻ تي پاڻي نه چڙھندو. هڪ ڏينهن ٻپهري ويل هو وڻن جي ڇانوَ ۾ اچي ويٺو. سندس مخالف به اتان اچي نڪتو. پاڻ ان کي سڏ ڪري چيائين ته پاڻ ڀائر آھيون. مون سڀ ڳالهيون ڇڏيون. سندس مخالف سوچيندي ٿورو گهٻرائجي ويو. هن چيو ته ادا گهٻرائي نه! مون سڀ ڳالهيون ختم ڪري ڇڏيون آھن، منهنجو پيءُ به هڪ ڏينهن منجهند جو زمين جو ڪم ڪري هن ئي وڻ هيٺان ليٽيو ۽ دم پرواز ٿي ويس. وقت ته هر حال ۾ گذري وڃڻو آھي. مون کي اها ڳالھ ھاڻي سمجھ ۾ آئي آھي….. مون کي اها ڳالهه ياد ڪري عمران جي پارٽي ڇڏيندڙ ھمراهه ٿا ياد پون، جيڪي اڳي عمران ۽ ان جي پارٽي کي انساني آزادي سان ڀيٽيندا هئا پر ان کي ڇڏڻ وقت چون ٿا ته اسان اڳي جيڪو ڪجھ ڪيو، اهو سراسر غلط هو. اهڙو گناهه ڪرڻ نه کپندو هو، پاڻ توبهه ڪئي!