اسلام آباد (بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي جي پاڻي مامرن بابت اسٽينڊنگ ڪاميٽي جي چيئرمين نواب يوسف ٽالپر ڪاميٽي جو اجلاس 12 اپريل سومر ڏينهن ڪراچي ۾ طلب ڪري ورتو آهي، جيڪو اريگيشن ڊپارٽمينٽ سنڌ جي ڪراچي آفيس جي ڪانفرنس روم ۾ 2 وڳي ٿيندو، اجلاس ۾ 9 نقاطي ايجنڊا تي غور ٿيندو، جنهن ۾ ايندڙ مالي سال 2021-22ع دوران پاڻي وزارت ۽ ان جي ماتحت ادارن جي ترقياتي بجيٽ بابت تجويزن تي غور ڪيو ويندو، جڏهن ته واپڊا پاران ڪاميٽي کي سنڌ بيراج منصوبي بابت بريفنگ ڏني ويندي، اجلاس ۾ موجوده توڙي مستقبل ۾ تربيلا ۽ منگلا جي پاڻي سطح توڙي صوبائي حڪومتن پاران ارسا کي فراهم ٿيل پاڻي گهرج بابت انڊينٽ تي غور ڪيو ويندو، گيلشيئر مانيٽرنگ واري مامري تي به ڪاميٽي کي بريفنگ ڏني ويندي، اجلاس ۾ پاڻي وزارت پاران پاڪستان ۽ افغانستان ۾ پاڻي مامري تي اختلافن تي به بريفنگ ڏني ويندي.