سنڌ حادثاتي موتن جو ميدان

سنڌ ۾ پاڻي کوٽ ڏينهون ڏينهن خراب صورتحال اختيار ڪري رهي آهي جنهن ڪري زرعي آبادي ته ٺهيو گهڻن علائقن تائين پيئڻ لاءِ به پاڻي نه ٿو پهچي.مٿان وري پاڻي چوري کي لاسز چئي منڍ جي چورن کي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. هن وقت سنڌ ۾ تقريبن 70 سيڪڙو تائين پاڻي کوٽ ٿي چڪي آهي جيڪا اڃان به وڌيڪ ٿيڻ جو خطرو ٻڌايو پيو وڃي. جيڪڏهن ڪي برساتون نه پيون ته گهڻن علائقن ۾ ڏڪار واري صورتحال ٿيندي جنهن ڪري نه رڳو زرعي اپت کي نقصان ٿيندو پر جيت جڻيا ۽ چوپايو مال جي حياتين کي به خطرو ٿيندو، ڇاڪاڻ ته هن گرمي جي موسم ۾ پاڻي جي اڻهوند هر ساهواري کي اڃ وگهي مارڻ جو سبب بڻبي آهي ۽ هن موسم ۾ انهن لاءِ پاڻي جي طلب وڌي ويندي آهي جڏهن ته زمين به گرمين ۾ پنهنجي نمي وڃائي ويهندي آهي ۽ اها سڪي ٺوٺ ٿي ويندي آهي، جنهن ڪري اها پوکي لائق نه رهندي آهي يا وري انهي کي وڌيڪ پاڻي گهربل هوندو آهي جيئن هو پنهنجي زرخيزي برقرار رکي سگهي.
ڪجهه ڏينهن اڳ انهي پاڻي جي کوٽ واري صورتحال ۾ به پنجاب پنهنجي حصي کان به وڌيڪ پاڻي کڻي ورتو هو جڏهن ته فلڊ ڪئنال به کولي ڇڏيا هئا جيڪي رڳو ٻوڏ وارن ڏينهن ۾ ئي کولي سگهجن ٿا. هن وقت صورتحال اها آهي جو سکر بئراج جيڪو سنڌ جو مهڙ وارو بئراج آهي اتي به پاڻي کوٽ 35 سيڪڙو تائين ٿي وئي آهي، جڏهن ته ڪوٽڙي بئراج تي پاڻي جي گهرج 12350ڪيوسڪ آهي ته اتي پاڻي 7315 ڪيوسڪ مس وهي رهيو آهي، جڏهن ته منگلا توڙي پنجاب جي ٻين دريائن مان سنڌ ڏانهن ايندڙ پاڻي جا 70 سيڪڙو وهڪرا گهٽايا ويا آهن. انهي کانسواءِ چشما کان تونسا جي وچ مان ڏهه هزار ڪيوسڪ پاڻي گم ٿي ويو آهي جيڪي لاسز ارسا 13 سيڪڙو تائين ڄاڻائي ڇڏيا آهن. جڏهن ته عام طور اهي لاسز 5 کان 6 سيڪڙو تائين هوندا آهن جنهن جو ٻيو مطلب اهو ٿيو ته باقي پاڻي چوري ڪيو ويو آهي. اڄ کان 10 ڏينهن تائين سنڌ جي بئراجن ۾ پاڻي جي گهرج وڌي ويندي، ان جو پورائو ڪيئن ڪيو ويندو، اها ڳالهه سمجهه ۾ نه ٿي اچي، جڏهن ته پنجاب سڀ قانون ۽ ارسا جي اٿارٽي کي به لتاڙي پنهنجي مرضي سان پاڻي کڻندو رهي ٿو، جنهن جو عذاب سنڌ ۽ زراعت سان لاڳاپيل سنڌ جا ماڻهو ڀوڳي رهيا آهن. جيڪڏهن انهي ڏهي ۾ برساتون نه پيون ته صورتحال اڃان به ڳنڀير ٿي ويندي ۽ ساريالو فصل جيڪو اڳ ئي دير ٿي چڪو آهي انهي جي پوکي ۾ اڃان به دير ٿي ويندي. هڪ طرف پنجاب جي زورآوري آهي ته ٻئي طرف سنڌ جي آبپاشي کاتي جي سستي جيڪو پنهنجي پاڻي چوري تي دانهن ڪوڪ به نه ٿو ڪري، چشما کان تونسا جي وچ ۾ جيڪو 10 هزار ڪيوسڪ پاڻي گم ٿيو آهي انهي بابت سنڌ جي آبپاشي کاتي هن وقت تائين نه ئي پنجاب جي حڪومت ۽ نه ئي ارسا وارن سان ڪا لکپڙهه ڪئي آهي ۽ نه ئي ڪو احتجاج ڪيو آهي. پاڻي کوٽ سدائين اهو ڀوڳيندو رهي ٿو جيڪو پڇڙي ۾ آهي جيڪڏهن صوبن ۾ پاڻي ورڇ ٿئي ٿي ته پنجاب ڏاڍ مڙسي ذريعي پنهنجي حصي جو پورو ڇا ان کان به وڌيڪ پاڻي کڻي وڃي ٿو جڏهن ته سنڌ سدائين پاڻي کوٽ ڀوڳيندي رهي ٿو جڏهن سنڌ ۾ پاڻي جي ورڇ جو معاملو اچي ٿو ته مٿين بئراجن وارا گهٽ کوٽ کي منهن ڏين ٿا ته پڇڙي خاص ڪري ڪوٽڙي بئراج وارا وري پاڻي لاءِ سڪندا رهن ٿا ۽ اتي رڳو رڃ ئي رڃ نظر اچي ٿي .
اسان سمجهون ٿا پاڻي جيئن هر ساهه واري جي جياپي لاءِ ضروري آهي تنهن ڪري انهي جي ورڇ اهڙي مناسب ٿيڻ کپي جو پڇڙي وارو ڪوبه پنهنجي حصي کان محروم نه رهي سگهي. اهو پڇڙي وارو سنڌ جو صوبو هجي يا سنڌ ۾پڇڙي وارا آبادگار يا ضلعا،تنهن ڪري سنڌ پنهنجي حصي جي مڪمل پاڻي حاصل ڪري انهي جي پنهنجي حدن ۾ مناسب ورڇ کي يقيني بڻائي ته جيئن ڪو به حقدار پنهنجي حق تي زيادتي جون دانهون نه ڪري.