ڪراچي (نمائندن وٽان) بدين ۾ پاڻي کوٽ خلاف سوين آبادگارن جي ريلي ۽ مظاهرو بدين ضلعي خاص ڪري پوڇڙ وارن علائقن ۾ فصلن مال متاع لاءِ پاڻي جي کوٽ خلاف سوين آبادگارن لاڙ بچايو تحريڪ جي اڳواڻن عبدالواحد چانڊيو، مير لکي جمالي، عبدالله چانڊيو، ذلفي پنهور، ڪريم بخش پلي، مير عبدالعليم ٽالپر جي اڳواڻي ۾ قطر مسجد الله والا چوڪ کان پريس ڪلب بدين تائين ريلي ڪڍي ڪئي وئي. ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته پاڻي چوري ۽ غير مصنفاڻي ورڇ سبب بدين جي پوڇڙ ۾ پاڻي کوٽ خطرناڪ صورتحال اختيار ڪري وئي آهي. پوکيل فصل سڪي رهيا آهن. هنن مطالبوڪيو ته بدين ضلعي جي پوڇڙ کي ان جي حصي جو پاڻي فراهم ڪيو وڃي ۽ پاڻي چوري ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي. ٻئي پاسي غلام شاھ موريءَ علي آباد شاخ جي پوڇڙ جي آبادگارن وزير علي جروار، علي حيدر جروار، الياس خاصخيلي، شعيب جروار، امام علي خاصخيلي، لکي محمد جروار ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ ايس ڊي او ايريگيشن ذوالفقار لاشاريءَ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو. ھنن وڌيڪ مطالبو ڪيو ته علي آباد شاخ جي پوڇڙيءَ ۾ ايس ڊي او آبپاشيءَ جي اجازت سان لڳايل غيرقانوني دڪا فوري طور ھٽايا وڃن. هوڏانهن شادي لارج ۽ بھادر واھ سميت بدين ضلعي جي اڪثر واهن ۾پاڻي جي کوٽ ۽ سم نالن جي کاٽي نه ٿيڻ جي خلاف سنڌ ترقي پسند پارٽي جي شاھنواز سيال، علي حيدر پنھنور، لکاڏنو عمراڻي، ميان خان کوسو، ستار ٻرڙو ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ کوسڪي ۾ پيادل مارچ احتجاج ڌرڻو هنيو ويو. ملڪاڻي شريف ۾ پاڻيءَ جي کوٽ خلاف سنڌآبادگار تنظيم خيرپورگمبوھ جي آبادگارن ڪالهه ٻئي ڏينھن به نٽھڻ اس ۾ احتجاجي مظاھرو ڪري، جھڏو- پنگريو روڊ تي ڌرڻو ھنيو. آبادگارن ملڪاڻي شريف ۾ ٽن ڏينھن لاءِ علامتي بک ھڙتالي ڪمپ قائم ڪري، بک ھڙتال جو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو آهي. هنن چتاءُ ڏنو ته جيڪڏهن ٽن ڏينھن ۾ شاخن ۾ پاڻي نه ڇڏيو ويو ته هو حيدر آباد پريس ڪلب ۽ ايس اي آفيس آڏو ڌرڻا هڻندا. هوڏانهن ضلعو بچايو تحريڪ جي اڳواڻن خدا ڏنو شاھ، حنيف نظاماڻي، شھزاد گاڏاھي، اسلم لغاري، محمد بخش جعفري ۽ ٻين گذريل ڏينهن پريس ڪلب تلھار ۾ صحافين کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته بدين ضلعي ۾ پاڻي جي کوٽ، ڪئنالن ۽ سم نالن جي کاٽي نه ٿيڻ خلاف 9 جون تي بدين کان سيڊا آفيس حيدرآباد تائين ضلعو بچايو تحريڪ پاران لانگ مارچ شروع ڪيو ويندو. هنن جو چوڻ هو ته لانگ مارچ جو شروعاتي جلسو 10 جون تي صبح ڏهين وڳي تلهار شهر ۾ رٿيو ويو آهي، جتان باضابطا لانگ مارچ جي شروعات ڪئي ويندي. لانگ مارچ مختلف شھرن ماتلي، ٽنڊو محمد خان کان ٿيندو حيدرآباد پھچندو، جتي سيڊا آفيس اڳيان مطالبن جي مڃتا تائين احتجاج جاري رھندو. هنن ٻڌايو ته ايس ٽي پي، قومي عوامي تحريڪ، فنڪشنل ليگ، مجلس وحدت مسلمين ۽ ٻيون سياسي سماجي ڌريون احتجاج ۾ ڀرپور شرڪت ڪنديون. ضلعو بچايو تحريڪ جي اڳواڻن چيو ته سيڊا بدين ضلعي جو پاڻي بند ڪري بدين واسين کي ھٿ وٺي تباھ ڪري رھي آھي ، پر ضلعو بچايو تحريڪ بدين جي پاڻي لاءِ توڙ تائين ويڙھ جاري رکندي.