ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ ختم نه ٿي، آبادگارن ۽ ساڃاهه وندن جا احتجاجي مظاهرا، ريليون، خاص دعائون گهريون ويون، ميرپور بٺوري ۽ جهوڪ شريف ۾ پاڻي  جي سخت کوٽ ۽ سنڌو درياهه جي واپسي خاطر ساڃاهه وندن ساران آڪاش، سميرا آڪاش ۽ بينظير آڪاش صوفي شاھ عنايت شھيد جي مزار کان ميرپوربٺورو تائين لانگ مارچ ڪيو، جتي سنڌو درياهه جي بحالي لاءِ خاص دعا پڻ گهري وئي، نوابشاهه ۽ گپچاڻي ۾ جهيمل شاخ جي آبادگارن پناھ رند، مريد کوسو، علي نواز کوسو، هوش محمد رند جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري سانگهڙ نواب شاھ روڊ تي ايس ڊي او آبپاشي جي علامتي جنازي نماز پڙھي، دادو جي ڳوٺ وليد شيخ ، ٻڍو شيخ ۽ پير ڳڻيو ۾ ابادگارن اقبال شيخ، حاجي عبدالغفور، عبدالستار، راجا شيخ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ نور واھ بند ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو، وارث ڏنو ماڇي ريگوليٽر مان نڪرندڙ 5 شاخن ۾ پاڻي کوٽ خلاف ساريالو ٻيجارو پوکجي ناهي سگهيو، آبادگارن ضمير سولنگي، عطاحسين نوناري، شاھ بخش چانڊيو ۽ نظر بروهي جو چوڻ هو ته پاڻي نه اچڻ سبب کين وڏو نقصان ٿي رهيو آهي، فيض گنج ۾ پاڻي کوٽ خلاف هاري روشن شر سڪل فصل هٿن ۾ کڻي مک چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن چيو ته سنڌ کي هٿ وٺي سڪايو پيو وڃي، صوبي کي پنهنجي حصي جو پاڻي ڏئي مسئلو حل ڪيو وڃي،