لنڊن(۾ ڊ) ورلڊ اڪنامڪ فورم 2025 تائين پاڪستان کي پيش 10 خطرن جي نشاندهي ڪري ڇڏي. ورلڊ اڪنامڪ فورم جي جاري ڪيل گلوبل رسڪ رپورٽ 2023 ۾ سائبر سيڪيورٽي، دهشتگرد حملن، مهانگائي ۽ معاشي بحران سميت پاڪستان کي ايندڙ ٻن سالن ۾ پيش 10 خطرن جو ذڪر ڪيو ويو آهي. رپورٽ موجب پاڪستان، ڀارت ۽ افغانستان سميت خطي جي ٻين ملڪن کي علائقائي تڪرار ۾ پاڻي جي انفرا اسٽرڪچر کي هٿيار يا هدف طور استعمال ڪري سگهجي ٿو. ورلڊ اڪنامڪ فورم علاقائي ۽ ماحولياتي خطرن کي به رسڪ قرار ڏنو آهي، رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته شيون مهانگيون ٿيڻ سان لکين ماڻهو بُک جو شڪار ٿي سگهن ٿا، آبي وسيلن کي علاقائي تڪرار ۾ هٿيار طور يا هدف طور استعمال ڪرڻ جو به خطرو آهي. ڊيٽا چوري، سائبر جاسوسي سميت ڊجيٽل سيڪٽر ۾ قبضو ۽ قرضن جو بحران به ٽاپ ٽين خطرن جي فهرست ۾ شامل آهي. عالمي اقتصادي فورم عالمي سطح تي جيو اڪنامڪ ٽينشن، انرجي ۽ فوڊ ڪرائسز جي به نشاندهي ڪئي آهي.