نيوسعيدآباد (ن پ ا) نيوسعيد آباد ۾ برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف رهواسين وزير خاصخيلي، سيفل خاصخيلي، غلام مصطفيٰ خاصخيلي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مهراڻ هاءِ وي تي ٽائر ساڙي ڌرڻو هنيو، ان موقعي تي اڳواڻن دانهيندي چيو ته  سم نالي ۽ برساتي پاڻي جي ڏيڍ مھيني کان نيڪال نه ٿيڻ سبب اسان جا گهر ڊهي پٽ ٿي ويا آهن، ٻڏڻ، ڪرنٽ لڳڻ، گيسٽرو ۽ مليريا سبب 31 ماڻھو فوت ٿي چڪا آھن، چوپايو مال مري ويو آھي، اسان روڊن تي دربدر ويٺا آهيون،  انتظاميا پاران پاڻي نيڪال ناهي ڪرايو ويو، نوٽيس وٺي و اهر ڪئي وڃي، ٻي طرف 5 ڪلاڪ ڌرڻي بعد ڊي سي مٽياري مظاهرين سان ڳالهيون ڪري پاڻي نيڪال جي خاطري بعد احتجاج ختم ڪرايو.