سامارو(ن پ ا)  سامارو جي يونين ڪائونسل ستڙيون جا رھواسي برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ ۽ سرڪاري سطح تي واهر نه ٿيڻ خلاف روڊن تي نڪري آيا، متاثرن پاران پريس ڪلب آڏو مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو،  ان موقعي تي مصري نقرچ، علي غلام، محمد  اشرف هاليپوٽو، خانو هاليپوٽو،  حبيب الله قائمخاني، جاويد نقرچ، غفور نقرچ ۽ ٻين دانهيندي چيو ته اسان جون ٻنيون، فصل،  اسان جا گهر گذريل برسات کان  وٺي پاڻي هيٺ آهن، گذريل ڏينھن برساتي پاڻي ۾ معصوم ٻارڙو پڻ ٻڏي فوت ٿيو آهي، پر انتظاميا دانهن ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي،  ھنن وڌيڪ چيو ته يوسي ستڙيون 8 ديھون ٻڏل آھن، جن ۾ ڪيترائي ڳوٺ ، سوين ايڪڙ فصل، توڙي ماڻھو ٻڏي ويا، نوٽيس وٺي پاڻي نيڪال ڪرايو وڃي.