ڪراچي: ڪراچي ۾ وسڪاري کانپوءِ وڏو وزير مراد علي شاهه صوبائي وزيرن شرجيل ميمڻ ۽ ناصر شاهه سان گڏ رستن تي نڪري آيو، وڏي وزير مراد علي شاهه لياري، طارق روڊ، ڊفينس، آءِ آءِ چندريگر، صدر، ناظم آباد، گلشن اقبال سميت شهر جي ڪيترن ئي علائقن جو دورو ڪري پاڻي نيڪال وارن انتظامن جو جائزو ورتو، ان موقعي تي وزيراعليٰ کي  ٻڌايو ويو ته 300 واٽر پمپ پاڻي نيڪال ڪري رهيا آهن، وزيراعليٰ مراد شاهه  ڪامورن  کي برساتي پاڻي  نيڪال ڪرڻ جي هدايت ڪئي، وڏي وزير چيو ته ڪابينا جا ميمبر، انتظاميا ۽ مشنري رستن تي موجود آهن، جن به علائقن ۾ پاڻي بيٺل آهي. اهو فوري طور نيڪال ڪيو پيو وڃي، هن چيو ته مسئلو وسيلن  نه پر نيت سان ڪم ڪرڻ جو آهي، دعا ڪريون ٿا ته ٻين صوبن ۾ به برسات سبب ڪو نقصان نه ٿئي، ٻئي طرف صوبائي وزير سعيد غني به ريڊيو اسٽيشن ۽ ٻين علائقن جو دورو ڪري انتظاميا کي پاڻي نيڪال جون هدايتون ڪيون، هوڏانهن صوبائي وزير ساجد جوکيو تيز برسات دوران قائد آباد،  گڏاپ،  ملير 15 سميت مختلف علائقن جو دورو ڪيو