ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف حيدرآباد، گپچاڻي ۽ نوابشاهه ۾ سياسي سماجي ڌرين ۽ آبادگارن  پاران احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا.حيدرآباد ۾ عوامي تحريڪ پاران سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف نور احمد ڪاتيار، سبحاني ڏاهري، ڪاشف ملاح ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ بک هڙتال ڪئي وئي.نوابشاھ ۾ آبادگارن امير مغيري، معيز کوسو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو. گپچاڻي ۾ جهيمل شاخ جي آبادگارن پاران مريد کوسو، پناھ رند، عبدالماجد کوسو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.اڳواڻن جو چوڻ هو ته پاڻي نه پهچڻ سبب فصل سڪي رهيا آهن، پيئڻ جي پاڻي جو به بحران آهي.