راڻيپور(ن پ ا): راڻيپور ۾ آبادگارن سڪل فصل کڻي ابل واھ، غلام علي شاخ درازا مائينر ۾ پاڻي کوٽ خلاف  احتجاجي مظاهرو ڪيو، قومي شاھراھ تي احتجاجي ڪئمپ قائم ڪري ڇڏي، آبپاشي چيف انجنئر ۽ ايس ڊي او ھٽايو فصل بچايو جا نعرا هڻي رهيا احتجاج جي اڳواڻي غلام اصغر وساڻ نبي بخش ڪلهوڙو نماڻو سرڪي فياض عباسي قاسم واطڻي، فهيم واطڻي، نسيم چيمو، انور وساڻ ڪري رهيا هيا، آبادگارن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ابل واھ،درازا مائينر ۽ غلام علي شاخ جي پڇڙي ۾ پاڻي نٿو ڇڏيو وڃي جنهن سبب راڻيپور سميت آس پاس جي آبادگارن جون زمينون بنجر بڻجي رهيون آھن هزارين ايڪڙ زمين غيرآباد ٿي رهيون آھن جنهن سبب آبادگار فاقاڪشي تي مجبور آھن آبپاشي کاتي جو چيف انجنئر ۽ ايس ڊي او وارا پاڻي مٿي کپائي ڇڏين ٿا جنهن سبب اسان آبادگار پريشان آھيون اسان جا فصل ووئڻن،ڪمند،جوئر،مڪئي سبزين جا فصل سڙي سڪي رهيا آھن اسان چيف جسٽس پاڪستان بلاول ڀٽو آصف علي زرداري آبپاشي جو وزير کان مطالبو ڪيون ٿا ته ابل واھ درازا مائينر غلام علي شاخ مان پاڻي جي کوٽ ختم ڪرائي آبادگارن جا فصل بچايا وڃن .