ٽنڊو آدم (ن پ ا) بااثر پاران زمينن جو پاڻي شھر طرف ڇوڙ ڪرڻ ۽ انتظامي نااهلي خلاف شھرين شٽربند هڙتال ڪري ٽائرن کي باهيون ڏئي احتجاج ڪيو، رپورٽ موجب ٽنڊو آدم  باءِ پاس وٽ بااثر پاران زمينن جو برساتي پاڻي هنجورڻ ڍنڍ ۾ ڇوڙ ڪرڻ سبب پاڻي اوور ٽاپ ٿي شھر جي جمن شاھ ، بسم الله ٽائون، سيد سٽي، روشن آباد ۽ ٽھل آباد سميت ٻين علائقن ۾ داخل ٿيڻ خلاف شھري انتظاميا خلاف سراپا احتجاج بڻجي ويا آھن، شهرين ڪالهه مڪمل شٽر بند هڙتال ڪئي، جنهن دوران مک ڪاروباري هنڌ محمدي چوڪ، لطيف گيٽ، ايم اي جناح روڊ مڪمل طور بند رهيا، جڏهن ته مختلف هنڌن تي ٽائرن کي باهيون ڏئي احتجاج ڪيو ويو، شهرين مٺو خاصخيلي، هاشم سومرو ۽ جمال ماڇي جو چوڻ هو ته انتظاميا جي نااهلي سبب برساتي پاڻي اڃا تائين سندن علائقن ۾ بيٺل آھي، مٿان وري زمينن جو پاڻي شھر طرف ڇوڙ ڪيو پيو وڃي، جيڪو سراسر ظلم آهي، هنن اعليٰ اختيارين کان نوٽيس وٺي مسئلو حل ڪرڻ جي گهر ڪئي.