جهنڊومري (ن پ ا) جيئي سنڌ قومي پارٽي جي چيئرمين نوازخان زنئور نيشنل پريس ڪلب جهنڊومري ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي آهي ته دودو ڀيل جو قتل جو ڪيس ايس ايس پي ٿرپارڪر، ايس ايچ او ۽ ڊي ايس پي تي ڪيس داخل ڪيو وڃي، هن وڌيڪ چيو ته سنڌ جو پاڻي هٿ سان روڪي زمينون غيرآباد ڪيون ويون آهن، هن وڌيڪ چيو ته ڌارين کي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪرڻ مقامي ماڻهن کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش آهي، سنڌين ماڻهن سان زيادتيون ٿي رهيون آهن، بحريا ٽائون جي آڙ ۾ قديم سنڌي وسندين ۽ ڳوٺن کي مسمار ڪري ماڻهن کي بيدخل ڪري ظلم ڪيو پيو وڃي، هن چيو ته ڪنهن به صورت ۾ سنڌ جي مالڪي تان هٿ نه کڻنداسين، سنڌ جي حقن لاءِ جدوجهد جاري رهندي.