پاڻيءَ جي کوٽ ۽ پڇڙيءَ جي آبادگارن جو درد

0
216

ان ڏينهن آئون بدين جي آبادگارن ۽ سول سوسائٽي جي اڳواڻن سان ڪچهري ڪري رهيو هئس.بدين ۾ هن وقت اهڙي صورتحال آهي جو مهمان سان حالي حوالي ٿيڻ بعد پهريون موضوع پاڻي جي کوٽ جو سامهون اچي ٿو جنهن تي ڪچهري ۾ شامل هر ماڻهو پنهنجي ڄاڻ ۽ سوچ جي حساب سان ٽيڪاٽپڻي ڪري ٿو.
مون بدين جي انهن دوستن کي ٻڌايو پئي ته پاڻي جي کوٽ ايتري آهي جو سنڌ جي حڪمران جماعت پاڻ پئي مظاهرا ڪري ۽ ان ڏينهن لاڙڪاڻي ۾ پيپلزپارٽي سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙي جي اڳواڻي ۾ وڏو ڌرڻو هنيو ويو.جنهن تي انهن دوستن ٻڌايو ته ايئن مظاهري ڪرڻ جا ته شينهن آهن بدين ۾ عاجز ڌامراهه مظاهري ڪري رهيو آهي پر مسئلو اهو آهي ته لاڙ پٽ ۾ پاڻي جي کوٽ مظاهرن ڪرڻ سان نه پر پاڻي جي ورهاست درست نموني ڪرڻ سان ختم ٿيندي.بدين واسين مان هڪ دوست ته اهڙي ڳالهه ٻڌائي جو منهنجا لڱ ڪانڊارجي ويا.هن چيو ته سائين آئون ڪڍڻ کان پيو اچان رستي ۾ ڪجهه همراهه پنهنجي شهر جا ٽريڪٽر ٽرالين تي پئي ويا پڇا ڪرڻ تي انهن ٻڌايو ته بدين مان مال متاع لاءِ پاڻي ڀرڻ آيا آهن.
اها حالت آهي اسان وٽ پاڻي کوٽ جي.انسانن کي ته منرل واٽر پياريون مينهن ڍڳين کي ڪٿان پاڻي پياريون.بدين ۾ پاڻي جي کوٽ سان گڏوگڏ بحث جو موضوع بلال ڀٽي زرداري جي ماتلي واري اها تقرير به هئي جنهن ۾ هن ميڊيا سامهون سنڌ جي آبپاشي وزير سهيل انور سيال کي هٽائڻ جي مشروط ڳالهه ڪئي هئي.ماتلي ۾ بلاول ڀٽو زرداري ننڍي چونڊ ۾ ڪامياب ٿيل پنهنجي ايم پي اي کي مبارڪباد ڏيڻ آيو هو پر هن ميڊيا سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي.ان ڳالهه ٻولهه دوران صحافين کيس ٻڌايو ته اها اليڪشن کٽڻ خاطر مختلف ڪئنالن مان پاڻي جا اڻويهه غيرقانوني ڪنيڪشن ڏنا ويا آهن.جنهن کي سنڌ جي وزيراعليٰ ان وقت ئي رد ڪيو.شايد وزيراعليٰ جي پراعتماد رپورٽ بعد بلاول ڀٽي زرداري شڪايت ڪندڙ صحافين کي چيو ته هي آبپاشي جو وزير توهان سان گڏ هلندو انکي ڏيکاريو ته پاڻي ڪٿان پيو چوري ٿئي.بلاول ڀٽي چيو ته هي وزير اها چوري روڪرائيندو نه روڪرائي سگهيو ته وزير نه رهندو.بدين جي صحافين جو چوڻ آهي ته سندن اها دعوا درست ثابت ٿي ته پاڻي جا اڻويهه غيرقانوني ڪنيڪشن ڏنا ويا آهن هاڻي بلاول کي قدم کڻڻ گهرجي.
هڪ طرف بدين آهي جتي پاڻي جي کوٽ خلاف هاڻي هڪ لانگ مارچ پڻ شروع ٿيندو جيڪو حيدرآباد ۾ سيڊا آفيس اڳيان اچي ختم ٿيندو.ٻئي طرف پاڻي جي کوٽ خلاف احتجاج ڪندڙ سنڌ جي حڪمران جماعت پيپلزپارٽي آهي جنهن جي قيادت ڪوٽڙي وٽان سنڌ جي خالي پيل پيٽ ۾ پريس ڪانفرنس ڪرڻ کان ويندي سمورن ضلعي هيڊڪوارٽرن ۾ احتجاج ڪري رهي آهي.پيپلزپارٽي جي احتجاج بابت بدين جي ماڻهن جو خيال هو ته اهو صرف سياسي شو ڪرڻ ٿا چاهين ٻي صورت ۾ هي اگر سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ متعلق سچو احتجاج ڪرڻ چاهين ته اهو اسلام آباد ۾ ارسا آفيس اڳيان ڪري سگهن ٿا جتي هڪ اجلاس دوران ارسا ۾ سنڌ جي نمائندي سان نامناسب رويو اختيار ڪيو ويو هو. بدين سنڌ ڇا پاڪستان جي به پڇڙي وارو علائقو آهي جتي پاڻي کوٽ ايتري شديد ٿي وئي آهي جو سنڌ حڪومت ان کي اڃان تائين سنڀالي نه سگهي آهي.بلاول ڀٽو زرداري جي واضح هدايتن جي باوجود جيڪڏهن سنڌ جي آبپاشي جا عملدار بدين ۾ پاڻي جي کوٽ ختم نٿا ڪري سگهن ته پوءِ بدين واسين جي انهن الزامن ۾ وزن محسوس ٿئي ٿو جن ۾ هو چون ٿا ته آبپاشي عملدار پاڻي جي غيرقانوني چوري ڪرائڻ ۾ ملوث آهن. بدين جا ماڻهو پاڻي تي سالن کان بحث ڪري رهيا آهن ۽ اهو بحث ڪندي ڪندي انهن منجهان ڪجهه ماڻهو ته پاڻي ماهر به ٿي ويا آهن.اهڙي ئي هڪ دوست ٻڌايو ته مڃون ٿا وفاق سنڌ جي حصي مان ڪٽوتي ڪري پنهنجا ڪئنال هلائي ٿو پر جيڪو پاڻي سکر بئراج تائين پهتل آهي اهو پاڻي ڪوٽڙي بئراج تائين ڇو نٿو پهچي.ان جي باري ۾ پنهنجي معلومات ونڊيندي هن چيو ته سائين توهان کي به خبر هوندي ته دريائي ڪچو هاڻي اهو ڪچو ناهي رهيو.هاڻي اهو ڪچو مڪمل طور آباد ٿي رهيو آهي.
اهو پاڻي ڪچي جي انهن بااثر زميندارن کي وڪرو ڪيو وڃي ٿو جن پنهنجي پنهنجي منڍ واريون ڪچي جون ڪيٽيون آباد ڪري ڇڏيون آهن.هن چيو ته اهو پاڻي سنڌ جي آبپاشي نظام جي پاڻي ورڇ واري کاتي تي چڙهيل ئي ناهي نه ئي منظور ٿيل آهي جنهن ڪري پاڻي ڏينهن ڏٺي جو چوري ڪري ڪچو آباد ڪيو پيو وڃي ۽ هتي پڇڙي جا آبادگار ٻيجارو پوکڻ لاءِ پريشان آهن.اها عجيب ڳالهه سامهون آئي آهي ته سنڌ جي حڪمران جماعت پيپلزپارٽي جي پاڻي کوٽ خلاف ڪيل مظاهرن کي عام ماڻهو سياسي چال ٿو سمجهي. شايد اهوئي سبب آهي جو پيپلزپارٽي جي انهن مظاهرن ۾ سنڌ جون اهي قومپرست پارٽيون به شامل نه ٿيون آهن جيڪي پاڻي واري مسئلي تي پيپلزپارٽي قيادت سان هميشه گڏ هونديون هيون. ڪالاباغ ڊيم جي تعمير خلاف احتجاج کان ويندي اينٽي گريٽر ٿل ڪئنال ڪميٽين تائين پيپلزپارٽي قومپرستن سان گڏ بيٺل هوندي هئي پر هن ڀيري پي پي پاڻ حڪمران جماعت هوندي اڪيلي سر پاڻي کوٽ خلاف احتجاج ڪري رهي آهي.سنڌ جي اقتداري سياست کان واقف هڪ سينيئر اڳواڻ ٻڌايو ته جيڪڏهن توهان پاڻي کوٽ خلاف ماضي ۾ ڪيل احتجاجن جي ٽائيمنگ ڏسندئو ته پيپلزپارٽي ان وقت توهان کي مخالف ڌر ۾ ويٺل نظر ايندي ۽ انهن احتجاجن ذريعي ملڪ جي اصل حڪمرانن کي اهو پيغام پهچائڻ جو پڻ طريقو هوندو آهي ته ڏسو اسان کي ديوار سان لڳائيندئو ته پوءِ اسان ته سنڌ جي قومپرستن سان به گڏجي سنڌ پنجاب دنگ تي احتجاج ڪري سگهون ٿا.اهڙي پيغام ڏيڻ جو وقت اپوزيشن ۾ رهڻ هوندو آهي
هاڻي اقتدار ۾ هوندي پيپلزپارٽي اهو پيغام ڏيڻ ڪيئن افورڊ ڪري سگهندي.پيپلزپارٽي ته پاڻي کوٽ خلاف احتجاج ڪري رهي آهي پر انهن قومپرستن ۽ مذهبي جماعتن کي به پاڻي کوٽ خلاف عملي طور احتجاج ڪرڻ گهرجي جن کي شڪايت هوندي آهي ته سنڌي ماڻهو کين ووٽ نٿو ڏئي.هن وقت بدين جي ساحلي پٽي کان ويندي سجاول ٽنڊو محمد خان تائين پاڻي جي ايتري شديد کوٽ آهي جو ان کي هڪ وڏو سياسي اشو بڻائي حڪمرانن جي ڳچي ۾ وجهي سگهجي ٿو پر ايئن ٿي ناهي سگهيو ڇو ته انهن ڪمن لاءِ مخلص ۽ ميچوئر سياست قيادت جي ضرورت آهي جيڪا سنڌ ۾ في الحال ته موڪل ته ويل آهي.