پاڻيءَ تي ڌاڙيواليءَ جي نئين واردات

0
298
وزير اعظم شهباز شريف جي صدارت ۾ ٿيل گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي اجلاس ۾ نئين ڊجيٽل آدم ڳڻپ جي اتفاق راءِ سان منظوري ڏني وئي آهي.

هونئن ته سنڌ جي پاڻيءَ تي ڌاڙن جي تاريخ لڳ ڀڳ ڏيڍ صديءَ جي عمر رکي ٿي، پر ورهاڱي کان پوءِ واري مُني صديءَ ۾ پاڻيءَ جي معاملي ۾ سنڌ سان نا انصافيون وڌي ويون آهن. پنجاب واعدن ۽ معاهدن تي عمل ڪرڻ لاءِ پاڻ کي پابند نٿو سمجهي. تڪراري پاڻي رٿا ڪالاغ ڊيم جي مخالفت جي سنڌ کي سزا ڏيڻ لاءِ ڏينهون ڏينهن پاڻي معاملي ۾ نا انصافيون وڌنديون وڃن. چشما- جهلم ۽ تونسا- پنجند لنڪ ڪئنال، جيڪي فلڊ ڪئنال آهن ۽ اهي صرف ٻوڏ دوران وهائڻا آهن، پنجاب جڏهن چاهي ٿو، اهي ڪئنال وهائي پاڻي کڻي ٿو وٺي. هن وقت سنڌ ۾ پاڻي کوٽ 45 سيڪڙي تائين پهچي ويئي آهي، انهن شديد کوٽ وارن ڏهاڙن ۾ پنجاب ارسا کان چشما- جهلم لنڪ  ڪئنال وهائي گريٽر ٿل ڪئنال لاءِ پاڻي کڻڻ جو فيصلو ڪرائي ورتو آهي. ارسا ترجمان جو موقف آهي ته، پنجاب پنهنجي حصي مان گريٽر ٿل ڪئنال کي پاڻي فراهم ڪري رهيو آهي. سنڌ کي 50 هزار بدران 75 هزار ڪيوسڪ پاڻي فراهم ٿي رهيو آهي.

هڪ طرف ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي نه ڇڏڻ جي ڪري سمنڊ اڳتي وڌي سنڌ جون سون اپائيندڙ زمينون ۽ وسنديون ڳڙڪائيندو وڃي. مٿان وري پنجاب مان ايندڙ صنعتن جي زهريلي پاڻيءَ سبب گهوٽڪي ضلعي ۽ سکر ضلعي جي صالح پٽ تائين زمينون ڌٻڻ ۾ بدلجي ويون آهن، جنهن ڪري سنڌ سُسندي ۽ سوڙهي ٿيندي وڃي. پنجاب جيڪو 58 هزار ايڪڙن تي مشتمل Evaporation Pond (تبخير لاءِ تلاءُ) ٺاهيو آهي، ان لاءِ به ڌئونس ۽ داداگيريءَ سان گهوٽڪي ضلعي جي 28 هزار ايڪڙ زمين کنئي ويئي آهي. جڏهن ته اهو تلاءُ پنجاب کي پنهنجي ئي زمين تي ٺاهڻو هو. پنجاب مان ايندڙ زهريلي پاڻيءَ سبب سنڌ جون زمينون تباهه ٿي ويون آهن. ان زهريلي پاڻيءَ سبب اتي جو چوپايو مال مرڻ لڳو آهي. چراگاهه ختم ٿي ويا آهن. زهريلي صنعتي مواد ۽ ڪيميڪل سبب جر زهريلو ٿي ويو آهي. جر جو پاڻي واپرائڻ سبب ماڻهو خطرناڪ بيمارين ۾ ورتل آهن. پنجاب جا سنڌ تي ڪيل ڪهڙا “احسان” ڳڻي ڪهڙا ڳڻائجن!! هڪ طرف اهو ظلم جاري آهي ته ٻئي طرف سنڌ کي بُٺ ۽ بنجر بنائڻ لاءِ پاڻيءَ تي به ڌاڙيوالي جاري آهي. جنرل مشرف جي دور ۾ وفاق جو ميمبر به سنڌ مان کنيو ويندو هو، پر پوءِ سنڌ کي ان کان محروم ڪيو ويو. پنجاب جي مفادن لاءِ ڪم ڪندڙ ارسا ۾ وفاق جو ميمبر به پنجاب جي مُٺ ۾ آهي، بلوچستان جي ميمبر کي پاڻ سان ملائي فيصلو “اڪثريت راءِ” سان ڪرڻ جو ڍونگ رچايو وڃي ٿو. جڏهن لنڪ ڪئنال، آهن ئي فلڊ ڪئنال، ته پوءِ انهن کي کوٽ وارن ڏينهن ۾ وهائڻ جو جواز ئي ڪهڙو آهي؟ مين اسٽريم/سسٽم مان پاڻي کڻڻ کي پنجاب ڪيئن ٿو پنهنجي حصي جو پاڻي قرار ڏيئي سگهي؟ جڏهن گريٽر ٿل ڪئنال جي تعمير جاري هئي ته سنڌ ۾ ان خلاف شديد احتجاج هلندڙ هئا. سنڌ جا اهي خدشا درست ثابت ٿيا آهن ته ان ڪئنال لاءِ پاڻي ڌئونس ۽ داداگيريءَ سان کنيو ويندو. سنڌ ۾ هن وقت مجموعي پاڻي کوٽ 45 سيڪڙو آهي. هن کان اڳ به هن ئي مهيني ۾ هڪ هفتو اڳ تائين (29 اپريل کان 20 مئي تائين) پنجاب تونسا- پنجند لنڪ ڪئنال کولي 66 هزار ڪيوسڪ پاڻي کڻي ورتو هو. سنڌ جي پاڻيءَ تي ڌاڙيواليءَ جون اهي وارداتون هاڻي ته تڪڙيون تڪڙيون پيون ٿين. هن وقت کوٽ وارن ڏهاڙن ۾ سنڌ جي گهرج 77600 ۽ فراهمي 41279 ڪيوسڪ  ٿي رهي آهي، پر ارسا ترجمان سنڌ کي 75 هزار ڪيوسڪ پاڻي فراهميءَ جي دعويٰ ڪري ٿو. ارسا جو وس پڄي ته اها ڪاغذن ئي ڪاغذن ۾ سڄو سنڌو دريا جو پاڻي سنڌ جي کاتي ۾ لکي ڇڏي! اهڙي ئي ٺڳيءَ کي روڪڻ لاءِ مشرف دور ۾ سنڌوءَ جي 23 وهڪرن جي سيٽلائيٽ مانيٽرنگ لاءِ ڳري خرچ سان ٽيليميٽري سسٽم لڳائي، ان جو انتظام واپڊا جي حوالي ڪيو ويو هو ۽ سنڌ جي پاڻيءَ تي ڌاڙيواليءَ ۾ سهولتڪار بڻيل واپڊا ان جديد سسٽم کي هلڻ ئي نه ڏنو.

سنڌ جي حڪمران جماعت وفاقي حڪومت ۾ به حصيدار آهي، واٽر ريسورسز جي وزارت به پ پ پ وٽ آهي، ماحوليات واري وفاقي وزارت به پ پ پ وٽ آهي پر اها سنڌ سان پاڻي معاملي ۾ نا انصافي ختم ڪرائي نه سگهي آهي. اسان اهو چوڻ جي ضرورت ٿا محسوس ڪريون ته سنڌ جي پاڻيءَ جي حق تي ڪنهن به قسم جي سوديبازي نه ٿيڻ گهرجي. سنڌ سان پاڻي معاملي ۾ نا انصافي جو ڪيس مجاز فورمن تي کنيو وڃي. وفاقي حڪومت جي اڳيان پڻ معاملو اٿارڻ جي ضرورت آهي. ان کانسواءِ سنڌ جي زمينن کي ڌٻڻ ۾ تبديل ڪندڙ پنجاب جي صنعتن واري زهريلي پاڻيءَ جو معاملو به اٿاريو وڃي. اهو ياد رکڻ گهرجي ته اقتدار اچڻي وڃڻي شئي آهي، پر سنڌ جا مفاد مقدم هجڻ گهرجن.