پاڻيءَ تي ڌاڙو سنڌ جي خوشحاليءَ تي ڌاڙو آهي

0
127
ڪلالڪا هَٽَ، اسپرٽ جو واهپو ۽ زندگين جو زيان

سنڌ ۾ پاڻيءَ تي ڌاڙي جو انت اچي نه سگهيو آهي. چشما- جهلم (سي جي) ۽ تونسا- پنجند (ٽي پي) لنڪ ڪئنالن ذريعي سنڌ جي پاڻيءَ جي چوريءَ کي فل اسٽاپ اچي نه سگهيو آهي. توڙي جو اهي ٻئي فلڊ ڪئنال آهن، جيڪي صرف ٻوڏ جي ڏينهن ۾ وهائڻا آهن پر پنجاب انهن ڪئنالن کي مستقل ڪئنالن وانگر ٻارهوئي وهائيندو رهي ٿو. جڏهن به ان جي مرضي ٿئي ٿي، ڪئنال کولي پاڻي کڻڻ شروع ڪريو ڇڏي. پهرين آڪٽوبر کان شروع ٿيل ربيع جي سيزن دوران پهرين مارچ تائين پنجاب جو آبپاشي کاتو چشما- جهلم ۽ تونسا- پنجند لنڪ ڪئنالن ذريعي 11 لک، 55 هزار، 780 ڪيوسڪ پاڻي کڻي چڪو آهي. سي جي لنڪ ڪئنال مان 4 لک، 35 هزار، 425 ڪيوسڪ ۽ ٽي پي لنڪ ڪئنال ذريعي 7 لک، 20 هزار، 355 ڪيوسڪ پاڻيءَ جي کڻت ڪئي آهي.

پنجاب نه ڪنهن آئيني اداري کي مڃڻ لاءِ راضي آهي ۽ نه وري واعدن ۽ معاهدن تي عمل ڪرڻ لاءِ تيار آهي. هڪ پاسي پنجاب ڌئونس ۽ داداگيريءَ جو مظاهرو ڪندي 1991ع واري پاڻي ٺاهه تي عمل ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي، جنهن ڪري سنڌ سان پاڻيءَ جي معاملي ۾ ناانصافي اظهر من الشمس آهي. جيڪو ٿورو پاڻي ملي ٿو، گڊوءَ تائين پهچندي پهچندي ان جو وڏو حصو چوري ٿي وڃي ٿو، سنڌ جي اها گهر رهندي آئي آهي ته ان کي حصي جو پاڻي گڊوءَ تائين پهچائي ڏنو وڃي، پر ائين نٿو ڪيو وڃي. بلوچستان کي پاڻي کوٽ کڻڻ کان آجو قرار ڏنو ويو آهي. مٿان وري سي جي ۽ ٽي پي لنڪ ڪئنال، جيڪي صرف ٻوڏ جي ڏينهن ۾ وهائڻا آهي، اهي مستقل ڪئنالن وانگر وهائي پاڻيءَ تي ڌاڙو هنيو پيو وڃي. پاڻيءَ جو حصو گهٽ ملڻ ڪري سنڌ جي زرعي معيشت تباهه ٿي وئي آهي. سنڌ جي وجود ۾ صحرا سرايت ڪندو وڃي. ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي نه وڃڻ جي ڪري سنڌ جي معيشت ۽ ماحول تباهه ٿي ويو آهي، سمنڊ سنڌ جون زرخيز زمينون ڳڙڪائيندو وڃي. سنڌ جو جر کارو ٿي ويو آهي.  سنڌ سان پاڻيءَ جي معاملي ۾ ناانصافيءَ جو تدارڪ نه ارسا جي بي اختيار اختياري ڪري سگهي آهي ۽ نه ئي وري گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي ڦڪي فرق ڪري ٿي. ساڍن پنجن مهينن ۾ ساڍا يارنهن لک ڪيوسڪ کان وڌيڪ پاڻيءَ جو ڌاڙو انهن ٻن لنڪ ڪئنالن ذريعي، ڪهڙي حساب ۾ ڳڻجي؟ پرويز مشرف جي دور ۾ ملڪ جي پاڻي وهڪرن جي سيٽيلائٽ مانيٽرنگ لاءِ جديد ٽيليميٽري سسٽم لڳايو ويو هو، جنهن جي نگراني واپڊا جي حوالي ڪئي وئي هئي، پر ان سسٽم کي به هلڻ نه ڏنو ويو. مطلب ته هر اهو جديد سسٽم، جيڪو پاڻيءَ جي چوريءَ کي پڪڙ ۾ آڻي، ان کي هلڻ نٿو ڏنو وڃي! ارسا ۾ به سنڌ جي نمائندي کي نٿو ٻڌو وڃي. 1991ع واري پاڻي ٺاهه وقت سنڌ ۾ ڄام صادق علي جي صاحبي هئي ۽ مرڪز ۾ ميان نواز شريف جي حڪومت هئي. توڙي جو ان ٺاهه ۾ سنڌ سان انصاف نه ڪيو ويو هو، پر سنڌ انتظاميا ان کي قبوليو پر ان تي به عمل نٿو ٿئي. ورڇ ان ٺاهه جي پئرا ٽو تحت ڪرڻ بدران ٽه رخي فارمولي تي ٿيندي رهي ٿي. هن وقت به مرڪز ۾ نواز ليگ ۽ ان جي اتحادين جي حڪومت آهي، جنهن ۾ پيپلز پارٽي به شامل آهي. ان ڪري سنڌ جي پاڻيءَ واري مسئلي کي وفاقي حڪومت وٽ کڻڻ گهرجي. لنڪ ڪئنالن ذريعي پاڻيءَ جي چوري روڪرائي وڃي. جڏهن ڊجيٽل آدمشماريءَ بابت وفاقي حڪومت کي حمايت واپس وٺڻ جو دڙڪو ڏئي سگهجي ٿو ته پاڻيءَ واري سنڌ جي حق جو دفاع ڪرڻ لاءِ ڪنهن به حد تائين ڇو نٿو وڃي سگهجي؟ اسان اهو چوڻ جي ضرورت ٿا محسوس ڪريون ته، لنڪ ڪئنالن ذريعي پاڻيءَ جي غير قانوني ۽ ناجائز کڻت بند ڪرائي وڃي. اهي ڪئنال ٻارهوئي وهائڻ بدران صرف ٻوڏ دوران ئي وهايا وڃن. ڀرپور نموني سنڌ سرڪار کي سنڌ جي پاڻيءَ جو ڪيس پيش ڪرڻ گهرجي، ڇو ته پاڻيءَ تي ڌاڙو سنڌ جي خوشحاليءَ تي ڌاڙو آهي.