پاڻمرادو نوٽيس جو اختيار سپريم ڪورٽ جي 3 ججز وٽ هوندو: بل منظور

0
265
قومي اسيمبلي کانپوءِ سينيٽ ۾ به سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر بل منظور
قومي اسيمبلي کانپوءِ سينيٽ ۾ به سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر بل منظور

اسلام آباد: قومي اسيمبلي مان پاڻمرادو نوٽيس جي اختيار بابت بل منظور ڪيوويو آهي، بل جي متن موجب چيف جسٽس اڪيلي سر پاڻمرادو نوٽيس نه وٺي سگهندو، پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ ۽ بينچز جي جوڙجڪ جو فيصلو 3 ججز تي ٻڌل ڪميٽي ڪندي

قومي اسيمبلي عدالتي سڌارن وارو بل ڳري اڪثريت سان منظور ڪري ورتو آهي، عدالتي ڪارروائي، قاعدن ۽ ضابطن وارو بل 2023 اسٽينڊنگ ڪميٽي مان منظوري بعد قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيو ويو

منظوري ڏنل بل تحت انساني حقن وارا معاملا به ججز جي 3 رڪني ڪميٽي گهٽ ۾ گهٽ 3 رڪني بينچ ڏانهن اماڻيندي، انٽرا ڪورٽ اپيل تي 14 ڏينهن ۾ ٻڌڻي ٿيندي،  ارجنٽ معاملن جا ڪيس 14 ڏينهن اندر ٻڌڻيءَ لا مقرر ٿيندا، قومي اسيمبلي مان منظوري بعد بل هاڻي سينيٽ ۾ پيش ڪيو ويندو

هي به پڙهندا

سياسي گرمي پد گهٽجڻ تائين پرامن ۽ شفاف چونڊون نه ٿيون ٿي سگهن: چيف جسٽس