پاڻمرادو نوٽيس اختيارن تي جسٽس فائز عيسيٰ ۽ جسٽس امين جو فيصلو قانوني طور تي لاڳو نه ٿيندو: سپريم ڪورٽ

0
302
نيب ترميمن خلاف پي ٽي آءِ چيئرمين جي درخواست تي فيصلو محفوظ
نيب ترميمن خلاف پي ٽي آءِ چيئرمين جي درخواست تي فيصلو محفوظ

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ چيف جسٽس جي پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ واري اختيار کي چئلينج ڪندڙ فيصلو رد ڪري ڇڏيو آهي، سرڪيولر جاري ڪيو ويو آهي

سپريم ڪورٽ پاران جاري ڪيل سرڪيولر ۾ چيو ويو آهي ته آرٽيڪل 184 ٿري جي ڪيسن جي ٻڌڻيءَ وارو حڪم لارجر بينچ تي لاڳو نه ٿو ٿئي، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ۽ جسٽس امين جو فيصلو ٻين بينچز تي لاڳو نه ٿيندو

سرڪيولر موجب قرآن جي حافظ کي 20 اضافي مارڪس ڏيڻ واري ڪيس ۾ پاڻمرادي نوٽيس جي ڪارروائي ڪئي وئي جيڪا غير قانوني آهي، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ۽ جسٽس امين الدين جو فيصلو ٻه هڪ جي تناسب سان آهي، 5 رڪني لارجر بينچ چيف جسٽس جي پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ واري اختيار کي واضح ڪري چڪي آهي

سرڪيولر ۾ چيو ويو ته سپريم ڪورٽ جو رجسٽرار سرڪيولر بابت ڪيس جي ڌرين کي آگاهه ڪري، حافظِ قرآن کي اضافي 20 مارڪس ڏيڻ واري ڪيس جو فيصلو رد ڪيو وڃي ٿو، سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بينچ 2 ڏينهن اڳ پنهنجي فيصلي ۾ چيف جسٽس جي پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ واري اختيار کي چئلينج ڪيو هو

 3 رڪني بينچ ۾ شامل جسٽس شاهد وحيد فيصلي سان اختلاف ڪيو هو، جسٽس شاهد وحيد اختلافي نوٽ ۾ چيو هو ته بينچز جي جوڙجڪ چيف جسٽس آف پاڪستان جو انتظامي اختيار آهي، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ۽ جسٽس امين الدين جي فيصلي سان اتفاق نه ٿو ڪريان

هي به پڙهندا

جسٽس قاضي فائز خلاف ريفرنس واپس وٺڻ جو حڪم