وهاڙي (م ڊ) پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري اڳوڻي وزيراعظم عمران خان کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو آهي ته چريو خان اسان کي اهڙي ڌٻڻ ۾ ڦاسائي ويو آهي، جنهن مان ڏکيائين سان پار ٿينداسين. وهاڙي ۾ آجياڻي تقريب کي خطاب ڪندي آصف علي زرداري چيو ته هڪ بيوقوف کي وزيراعظم بڻايو ويو جنهن مُلڪ جي معيشت کي تباهي جي ڪناري تي اچي بيهاريو، کيس ڪا به سمجهه نه هئي، پاڳل خان مُلڪ جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو، عمران خان واپس اوڏنهن وڃڻ وڃڻ چاهي ٿو جتان کيس نيڪالي ڏني وئي هئي. هن چيو ته پاڳل خان اسان کي اهڙي ڌٻڻ ۾ ڦاسائي ويو آهي، جنهن مان ڏاڍو ڏکيو نڪرنداسين، پر نڪرنداسين ضرور. اڄ به عمران خان سياست ۾ ون ڊي ڪرڪيٽ کيڏي رهيو آهي، پر مون به پڪو پهه ڪيو آهي ته مُلڪ کي مسئلن مان ڇوٽڪارو ڏياريندس ۽ هر قيمت تي ڏياريندس. آصف زرداري چيو ته ڳالهيون ٿي رهيون آهن ته مُلڪ ڊفالٽ ٿي ويو، آمريڪا، جپان ۽ برطانيا به ڊفالٽ ٿي ويا هئا، ان سان ڪو فرق نه ٿو پوي، لاها چاڙها ايند رهندا آهن، هي عارضي ڏکيائي آهي، اُهو وقت به ايندو جڏهن مُلڪي بهتري جا فيصلا رڳو اسان ڪنداسين، پاڪستان ۾ هر قسم جي سهولت موجود آهي، اسان کي رڳو ان مان لاڀ حاصل ڪرڻو آهي.