بيجنگ(م ڊ) پاڪستان ۽ چين ٻٽي مفادن ۽ اهم معاملن تي هڪ ٻئي سان سهڪار وڌائڻ تي اتفاق ڪيو آهي. گڏيل قومن جي معاملن بابت پاڪ-چين صلاح مشوري جي ٽئين مرحلي ۾ ٻنهي ڌرين اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن جي پرامن ۽ سياسي حل لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي به اتفاق ڪيو ايشيا ۽ دنيا جي امن ۽ استحڪام لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي به اتفاق ڪيو ويو. جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته ٻنهي ملڪن گڏيل مفادن جي گڏجي حفاظت ڪرڻ ۽ گڏيل قومن ۾ عالمي معاملن تي هڪٻئي جي مدد ڪرڻ جو فيصلو پڻ ڪيو ويو.